ايران هيڻو ٿي چڪو، حڪومت ڪيرائڻ سولي ناهي: اسرائيل

ايران هيڻو ٿي چڪو، حڪومت ڪيرائڻ سولي ناهي: اسرائيل

تل ابيب (م ڊ) اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو پاران به علي لاريجاني کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ، هن چيو ته حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ ايرانين لاءِ فوري ۽ آسان نه هوندو، اسرائيل ثابت قدم رهيو ته ايرانين کي قسمت پنهنجي هٿ ۾ کڻڻ جو موقعو ڏينداسين، جڏهن ته اسرائيلي پرڏيهي وزير گيدون سار چيو آهي ته ايراني حڪومت جو تختو رڳو ايراني عوام ذريعي ئي اونڌو ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته اسان اڳ ئي کٽي چڪا آهيون، ايران ڊرامائي طور هيڻو ٿي چڪو آهي، ايران سان جنگ اسان جو مشن مڪمل ٿيڻ تائين جاري رهندي. اسرائيلي پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته لبناني حڪومت مان اميد آهي ته هو لبنان مان اسرائيل تي ٿيندڙ حملا روڪيندي.