| ايران هٿان اسرائيل جي ڊرون فيڪٽري تباهه ٿيڻ جي تصديق |
تهران/تل ابيب(م ڊ) ايراني ميزائل حملي ۾ اسرائيل جي مرڪزي علائقي ۾ قائم ڊرون فيڪٽري مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي آهي. اسرائيلي اختيارين تصديق ڪئي آهي ته اسرائيلي علائقي بيٿتيڪفا ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ ايراني ميزائل سڌو اچي ٽڪرايو هو، جنهن جي نتيجي ۾ اسرائيلي فوج جي ڊرون فيڪٽري مڪمل طور تباهه ٿي وئي. اسرائيلي اختيارين موجب اها فيڪٽري ٻيهر ڪم ڪرڻ جوڳي نه رهي آهي. واضح رهي ته فيڪٽري اسرائيل جي دفاعي صنعت ۽ اسرائيلي فون کي ڊرونز، پائلٽ هيلمٽس ۽ اهم پُرزا فراهم ڪندي هئي.