| ايران هٿيارن جي فراهمي لاءِ ڪا درخواست ناهي ڪئي: روس |
ماسڪو (م ڊ) روسي صدارتي محل ڪريملن چيو آهي ته ايران روس کان هٿيارن جي فراهمي لاءِ ڪا درخواست ناهي ڪئي.. صحافين جي سوال جي جواب ۾ ڪريملن جي ترجمان دمتري پيسڪوف چيو ته ايران طرفان ان حوالي سان ڪا درخواست نه ملي آهي.هن چيو ته ”هن معاملي ۾ ايراني ڌر طرفان ڪا درخواست سامهون ناهي آئي، ان حوالي سان اسان جو مستقل موقف سڀني جي سامهون آهي ۽ ان ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي.“