ايران وٽ باقي 48 ڪلاڪ، معاهدو ڪري يا هرمز کولي نه ته قيامت برپا ڪنداسين (ٽرمپ) اسلام آباد ۾ ڳالهين کان انڪار ناهي ڪيو: عراقچي

ايران وٽ باقي 48 ڪلاڪ، معاهدو ڪري يا هرمز کولي نه ته قيامت برپا ڪنداسين (ٽرمپ) اسلام آباد ۾ ڳالهين کان انڪار ناهي ڪيو: عراقچي

واشنگٽن/تهران (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي نئين ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته ايران وٽ باقي 48 ڪلاڪ آهن، وقت تيزي سان گذري رهيو آهي، 10 ڏينهن جي مهلت ختم ٿي رهي آهي، قيامت برپا ڪري ڇڏينداسين، معاهدو ڪريو يا هرمز کولي. هوڏانهن ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي آمريڪي ميڊيا جي انهن خبرن جي ترديد ڪئي آهي ته ايران ڳالهين لاءِ اسلام آباد وڃڻ کان انڪار ڪيو آهي، عراقچي جوهري پلانٽن تي حملن جي ڌمڪين تي اهو به چيو ته تابڪاري مواد خارج ٿيو ته نار به محفوظ نه رهندو، جڏهن ته پاڪستاني نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ان وضاحت جي آجيان ڪندي علائقي ۾ امن لاءِ ڪوششون جاري رکڻ جو عزم ورجايو آهي.عالمي ميڊيا رپورٽس موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ٽرمپ چيو آهي ته جهاز ڪيرائڻ سان ايران سان جاري ڳالهيون متاثر نه ٿينديون، هي جنگ آهي ۽ اسان حالت جنگ ۾ آهيون، في الحال اهو نٿا چئي سگهون ٿا لاپتا پائلٽ کي نقصان پهچايو ويو ته آمريڪا جو ڪهڙو ردعمل هوندو، جڏهن ته آمريڪي صدر جي ايران کي معاهدو ڪرڻ ۽ آبنائي هرمز کولڻ جي ڏنل ڊيڊلائن ۾ 48 ڪلاڪ رهجي ويا آهن، ٽرمپ پنهنجي هڪ ٻئي بيان ۾ چيو ته ايران کي 10 ڏينهن جي ڏنل مهلت ختم ٿي رهي آهي، وقت تيزي سان گذري رهيو آهي،  48 ڪلاڪ رهجي ويا آهن، ايران معاهدو ڪري يا ۽ هرمز کولي نه ته ايران تي قيامت برپا ٿي ويندي، ٽرمپ معاهدي لاءِ پهريان 2 ڏينهن پوءِ 10 ڏينهن مهلت ڏني هئي. هوڏانهن ايراني پرڏيهي وزيرعباس عراقچي جو چوڻ آهي ته آمريڪي ميڊيا ايران جي موقف کي غلط انداز ۾ پيش ڪري رهي آهي.ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ پاڪستان زنده آباد جو نعرو لڳائيندي چيو ته اسان پاڪستان جي ڪوششن لاءِ دل سان ٿورائتا آهيون ۽ اسان ڪڏهن به ڳالهين لاءِ اسلام آباد وڃڻ کان انڪار ناهي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته اسان لاءِ اهم ڳالهه ان غير قانوني جنگ جي حتمي ۽ دائمي خاتمي جا شرط آهن جيڪا اسان تي مڙهي وئي آهي. هڪ ٻئي بيان ۾ ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي بوشهر جوهري پلانٽ جي ويجهو مبينا حملي تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته ”تابڪاري مواد خارج ٿيو ته اِهو تهران تائين محدود نه رهندو پر نار تعاون ڪائونسل جي گاديءَ وارن شهرن ۾ به زندگي جو خاتمو آڻي سگهي ٿو.  ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته ”يوڪرين ۾ زاپوروجيا جوهري پاور پلانٽ جي ويجهو چڪرين تي اولهه جي ڪاوڙ ياد ڪريو؟ اسرائيل ۽ آمريڪا اسان جي بوشهر جي جوهري ٿاڪ تي هن وقت تائين چار ڀيرا بمباري ڪري چڪا آهن. پنهنجي بيان ۾ هن خبردار ڪندي چيو ته ”تابڪاري مواد خارج ٿيو ته تهران سان گڏ نار ملڪن جي گاديءَ وارن شهرن کي به متاثر ڪندو، جڏهن ته اسان جي پيٽروڪيميڪل پلانٽ تي حملا به اصل مقصدن کي ظاهر ڪن ٿا. واضح رهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل اڃا تائين ان حملي ۾ پنهنجي ملوث هجڻ جي تصديق ناهي ڪئي. ٻئي طرف ٻئي پاسي پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ايڪس تي ئي ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته اسان توهان جي طرفان ڏنل وضاحت جي آجيان ڪريون ٿا. واضح رهي ته پاڪستان طرفان آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگبندي ڪرائڻ جون ڪوششون جاري آهن ۽ پاڪستان طرفان ان اهم معاملي تي ٽياڪڙ طور سامهون اچڻ خطي ۾ بحث جو موضوع بڻيل آهي.