| ايران وٽ لنڊن تائين مار ڪندڙ ميزائل ناهن: برطانيا |
لنڊن (م ڊ) برطانوي وزير اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي دعويٰ رد ڪندي چيو آهي ته ڪو به ثبوت ناهي ته ايران وٽ لنڊن تائين مار ڪندڙ ڊگهي فاصلي وارا ميزائل آهن. هائوسنگ وزير اسٽيو ريڊ بي بي سي کي ٻڌايو ته ڪو به ثبوت ناهي ته ايران برطانيه کي نشانو بڻائي رهيو آهي يا جيڪڏهن چاهي ته اهو ڪري سگهي ٿو. ڇنڇر تي اسرائيلي فوج دعويٰ ڪئي هئي ته تهران وٽ 4,000 ڪلوميٽر جي رينج جا هٿيار آهن.