| ايران وڌيڪ 20 پاڪستاني جهازن کي مرحليوار بنيادن تحت هرمز مان گذرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ايران وڌيڪ 20 پاڪستاني جهازن کي مرحليوار بنيادن تحت هرمز کاڙي مان گذرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار تصديق ڪندي چيو آهي ته آبناءِ هرمز مان پاڪستاني پرچم بردار وڌيڪ 20 جهازن کي گذرڻ جي اجازت ملي وئي آهي. ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ اسحاق ڊار چيو ته روز ٻه جهاز هرمز کاڙي پار ڪندا، ايران جو اهو قدم سٺو سنئوڻ ۽ تعميري آهي، ان جي تعريف ٿيڻ گهرجي.هن چيو ته اهو هاڪاري اعلان امن ڏانهن اهم قدم آهي، جيڪو اجتماعي ڪوششن کي مضبوط ڪندو. سندس چوڻ هو ته ڳالهيون، سفارتڪاري ۽ اعتماد سازي ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي.