ايران ٽرمپ جي ڌمڪين کي منهن ڏئي ڪيئن هرمز واري لنگهه جو نگهبان بڻيو!.. ورجينيا پيٽرومارڪي

                 آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جڏهن هرمز واري سامونڊي لنگهه کولڻ لاءِ مختلف ملڪن جي نيوين جو اتحاد ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، تڏهن ڪجهه ملڪ سڌي طرح ايران سان محفوظ گذرگاهه لاءِ ڳالهين ۾ مصروف آهن. تجزيه نگارن موجب، اھو هڪ نئين حقيقت کي ظاهر ڪري ٿو: فوجي نتيجا جيڪي به هجن، پر تهران فيصلو ڪري رهيو آهي ته دنيا جي سڀ کان اهم توانائي واري سامونڊي رستي مان ڪير گذري سگهي ٿو.

                 آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان ايران تي 28 فيبروري تي حملا شروع ٿيڻ ۽ سپريم ليڊر علي خامنه اي جي مارجڻ کان پوءِ، ايراني فوجي قيادت پنهنجي سڀ کان وڏي طاقت يعني پنهنجي جاگرافيائي حيثيت تي ڌيان ڏنو. ايران هرمز جي اتر واري ڪناري تي ڪنٽرول رکي ٿو، جتان دنيا جي 20 سيڪڙو خام تيل ۽ قدرتي گئس گذري ٿي. هن هنڌ جي ويڪر پنهنجي تنگ ترين جاءِ تي صرف 33 ڪلوميٽر (20 ميل) آهي، تنهنڪري ڪو به بحري جهاز جيڪو هتان گذرڻ چاهي ٿو، اهو زمين تان ٿيندڙ ايراني حملي لاءِ آساني سان نشانو بڻجي سگهي ٿو. انشورنس ڪمپنين جي خطري کان بچڻ واري رجحان کي نظر ۾ رکندي، رڳو ڪجهه جهازن تي حملا – يا حملن جو خطرو به مارڪيٽ جي اعتماد کي ڌڪ ڏيڻ لاءِ ڪافي ثابت ٿيو، جنهن سبب انشورنس جا اگهه تيزي سان وڌي ويا ۽ سامونڊي واپار تقريباً بيهجي ويو.

جنگ جي شروعات کان وٺي لڳ ڀڳ 20 جهازن تي حملا ڪيا ويا آهن. اينڊرياس ڪريگ، جيڪو ڪنگز ڪاليج لنڊن ۾ سيڪيورٽي اسٽڊيز جو ايسوسيئيٽ پروفيسر ۽ ڪنگز انسٽيٽيوٽ آف مڊل ايسٽرن اسٽڊيز جو فيلو آهي، تنھن جو چوڻ آهي ته، “ايران عملي طور ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته اهو ئي طئي ڪندو ته هن سامونڊي رستي مان گذرڻ جا شرط ڇا هوندا. هن هاڻي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته هو ئي هن اهم سوڙھي گذرگاهه جو نگهبان آهي. اهو نار جي جاگرافيائي حيثيت ۾ ايران جي اهميت کي وڌيڪ وڌائيندو”. هن وڌيڪ چيو ته هي صورتحال مستقبل لاءِ نئين حقيقت هوندي. ساڳئي وقت، خام تيل جون قيمتون 100 ڊالر في بيرل کان وڌي ويون آهن، جيڪي جنگ کان اڳ جي قيمتن کان 20 سيڪڙو وڌيڪ آهن، جنهن ڪري ملڪن کي تاريخ ۾ سڀ کان وڏا ايمرجنسي ذخيرا جاري ڪرڻا پيا. گئس جون قيمتون پڻ جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ 40 سيڪڙي کان وڌيڪ وڌي ويون آهن. شروعات ۾ ٽرمپ اهو خيال پيش ڪيو ته آمريڪي نيوي کي حڪم ڏنو وڃي ته اھا جهازن کي هن سامونڊي لنگھ مان گذرڻ لاءِ ساٿ ڏئي. ان کان پوءِ هن ڪجهه ملڪن کي اپيل ڪئي ته هو جنگي جهاز موڪلين، ۽ نيٽو جي ميمبر ملڪن کي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن انهن مدد نه ڪئي ته انهن کي “تمام خراب” مستقبل کي منهن ڏيڻو پوندو. پر هن اپيل کي يا ته رد ڪيو ويو يا غير واضح جواب مليا. جاپان چيو ته، ان وٽ بحري جهاز موڪلڻ جو ڪو به منصوبو ناهي. آسٽريليا به جهاز موڪلڻ کان انڪار ڪيو. برطانيا چيو ته اهو هن وڏي جنگ ۾ شامل نه ٿيندو. جرمني واضح پيغام ڏنو: “هي اسان جي جنگ ناهي”. ٻين ملڪن قدم کنيو – پر اهو نه، جيئن ٽرمپ چاهيو ٿي. ڇنڇر تي، ڀارت جي جهنڊي وارا ٻه گئس ٽينڪر ڪيترن ڏينهن جي ڳالهين کان پوءِ اسٽريٽ آف هرمز مان گذريا، جن ۾ نئين دهلي ۽ تهران وچ ۾ ڳالهين سان گڏ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ۽ ايراني صدر مسعود پزشڪيان جي وچ ۾ ٽيليفون ڪال به شامل هئي. پاڪستان، ترڪي ۽ چين جا جهاز به هرمز مان گذريا آهن. فنانشل ٽائمز رپورٽ ڪيو آهي ته اٽلي ۽ فرانس پڻ ايران سان معاملا ڪرڻ لاءِ رابطو ڪيو آهي، جيتوڻيڪ اطالوي اختيارين اهڙن قدمن جي ترديد ڪئي آهي. ساڳئي وقت، “ونڊورڊ” نالي سامونڊي ڄاڻ ۽ ٽريڪنگ ڪندڙ گروپ چيو آهي ته جڏهن ته اڱاري تي ھرمز واري لنگھ ۾ ٽرئفڪ معمول کان 97 سيڪڙو گهٽ رهي، تڏهن به وڌندڙ تعداد ۾ جهاز ايران جي علائقائي پاڻي مان گذري رهيا آهن، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته تهران اجازت وٺڻ تي اتان گذرڻ جي اجازت ڏئي رهيو آهي.

“فيصلو ڪرڻ اسان جي صوابديد آھي”

آمريڪي بحري فوج پاران جهازن جي قافلن کي هرمز واري لنگھ مان گذارڻ لاءِ ساٿ ڏيڻ جو هڪ اڳوڻو مثال 1980ع واري ڏهاڪي جي ايران – عراق جنگ دوران ملي ٿو. پر ماهرن جو چوڻ آهي ته اڄ جي صورتحال گھڻي مختلف آهي. ان وقت آمريڪا، جيتوڻيڪ عراقي اڳواڻ صدام حسين جي حمايت ڪري رهيو هو، پر سڌي طرح جنگ ۾ ڌر نه هو. ايران اڃا انقلاب کان پوءِ پنهنجي طاقت کي مضبوط ڪرڻ جي مرحلي ۾ هو، ۽ ان جي پاسداران انقلاب ڪور ايتري منظم نه هئي، جيتري اڄ آهي. اڄ ايران وٽ ڊرون آهن، جيڪي ان جون فيڪٽريون وڏي پيماني تي تيار ڪري سگهن ٿيون ۽ انهن جو استعمال به ٿي رهيو آهي. ايراني فوج ننڍين ٻيڙين ذريعي ٽينڪرن تي حملا ڪري سگهن ٿيون، بارودي سرنگهون (مائنز) وڇائي سگهن ٿيون ۽ ٻين گوريلا طرز جي حڪمت عملين کي به استعمال ڪري سگهجي ٿو. جيتوڻيڪ رپورٽن ۾ اختلاف آهي ته ڇا ايران ھرمز ۾ بارودي سرنگهون وڇايون آهن يا نه، پر ماهرن جو چوڻ آهي ته اهو قدم تهران لاءِ نقصانڪار ٿيندو، ڇاڪاڻ⁠ تہ اهو سڀني جهازن – جن ۾ ايراني جهاز به شامل آهن – جي گذر کي متاثر ڪندو، ۽ تهران جي انهيءَ طاقت کي گهٽائيندو ته اهو طئي ڪري سگهي ته ڪير اتان گذري سگهي ٿو. ايراني اختياريون ملڪي جاگرافيائي برتري کان چڱيءَ طرح واقف آهن. “اهو اسان جي فوج تي دارومدار رکي ٿو ته فيصلو ڪري،” ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي آچر ڏينهن چيو، جڏهن هو ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪري رهيو هو ته ڪير هن سامونڊي رستي کي استعمال ڪري سگهندو.

حميد رضا عزيزي، جيڪو ايران بابت ماهر ۽ جرمن انسٽيٽيوٽ فار انٽرنيشنل اينڊ سيڪيورٽي افيئرز جو وزيٽنگ فيلو آهي، ڪنھن ان معاملي تي تبصرو ڪندي چيو تہ، حڪومت جا حامي حلقا اسٽريٽ آف هرمز کي صرف جنگ تائين محدود نه پيا رکن پر هڪ اهم حڪمت عملي وارو سوديبازي جو اوزار طور پيش ڪري رهيا آهن، ۽ اشارو ڏئي رهيا آهن ته جنگ کان پوءِ هن سامونڊي رستي کي معاوضو وٺڻ، پابندين ۾ نرمي يا وسيع معاشي رعايتون حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو.  تازا حملا اهو ظاهر ڪن ٿا ته ايران توانائي مارڪيٽ تي پنهنجو دٻاءُ وڌائڻ چاهي ٿو.

گذريل اڱاري ڏينهن، هڪ ڊرون حملي سبب گھيري جي بندرگاهه تي باهه لڳي وئي، جيڪو گڏيل عرب امارات جو واحد خام تيل برآمد ڪندڙ بندرگاهه آهي. اهو اسٽريٽ آف هرمز جي اوڀر واري داخلي دروازي کان ٻاهر واقع آهي، جنهن ڪري هتان کان برآمدات ان رستي کان بچي سگهن ٿيون. يمن ۾ ايران جا حمايت يافته حوثي پڻ باب المندب ۾ رڪاوٽ وجهي تيل جي قيمتن کي وڌيڪ وڌائي سگهن ٿا. اهڙي صورت ۾ آمريڪا کي ڪيترن ئي سامونڊي محاذن تي ڪم ڪرڻو پوندو. هينئر تائين حوثين اهڙا حملا ناهن ڪيا، پر انهن چيو آهي ته هو ڪنهن به وقت حملي لاءِ تيار آهن. تنهن هوندي به، آمريڪا هن وقت تهران تي وڌ کان وڌ دٻاءُ وجهڻ ۽ ان کي اسٽريٽ آف هرمز کولڻ تي مجبور ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهيو آهي.

سينٽڪام، جيڪا آمريڪي فوج جي اها ڪمانڊ آهي، جيڪا وچ اوڀر ۾ ڪارروائين جي ذميوار آهي. ڪالھ سينٽڪام طرفان چيو ويو ته ان جي فوجن ايران جي سامونڊي ڪناري تي، اسٽريٽ آف هرمز جي ويجهو، جهازن خلاف ميزائل سائيٽن تي 2,270 ڪلوگرام (5,000 پائونڊ) وزن وارا بنڪر تباهه ڪندڙ هٿيار استعمال ڪيا. ڊونلڊ ٽرمپ پڻ حڪم ڏنو آهي ته هزارين آمريڪي ميرينز کڻندڙ امفيبيئس جهازن کي وچ اوڀر ڏانهن منتقل ڪيو وڃي، ۽ ڪجهه ماهرن جو خيال آهي ته آمريڪا ڪارگ ٻيٽ تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهي ٿو، جيڪو نار جي اتر ۾ هڪ ننڍڙو علائقو آهي، جتان ايران جي 90 سيڪڙو خام تيل جي برآمد ٿيندي آهي. آمريڪا اڳ ۾ ئي هن ٻيٽ تي انهن هنڌن تي بمباري ڪري چڪو آهي، جن کي هن فوجي مرڪز قرار ڏنو ھو. تنهن هوندي به، اينڊرياس ڪريگ جو چوڻ آهي ته اهڙي ڪارروائي ايران کي اسٽريٽ آف هرمز کولڻ تي مجبور ڪرڻ لاءِ گهڻي لاڀائتي نه ٿيندي. هي ٻيٽ ھرمز واري لنگھ کان لڳ ڀڳ 500 ڪلوميٽر (310 ميل) پري آهي، ۽ جيڪڏهن آمريڪا ان تي ڪنٽرول حاصل ڪري ٿو ته آمريڪي ميرينز ايراني فائرنگ جو بک بڻجي سگهن ٿا. جيڪڏهن ايران ڏسي ٿو ته سندس اهم برآمدي مرڪز تي قبضو ڪيو پيو وڃي، ته اهو شايد اسٽريٽ آف ھرمز ۾ سڌي طرح بارودي سرنگهون وڇائڻ جو فيصلو ڪري، ڇاڪاڻ⁠ تہ پوءِ هن وٽ ڪجهه جهازن کي گذرڻ ڏيڻ جو جواز گهٽجي  ويندو. ڪريگ جو اھو پڻ چون آھي ته، “اسٽريٽ آف هرمز جو مسئلو اصل ۾ فوجي نه آهي… اهو مارڪيٽ جو مسئلو آهي، ۽ اعتماد فوجي طاقت سان بحال نٿو ٿي سگهي. اعتماد رڳو سفارتڪاري ذريعي بحال ٿي سگهي ٿو،”

Courtesy: Aljazeera