ايران پاران ايٽمي هٿيارن تي ڳالهيون ملتوي ڪري هرمز کولڻ جي آڇ: ايٽمي هٿيار نه ڇڏيندا ته پوءِ گڏ ويهڻ جو فائدو ناهي: ٽرمپ

ايران پاران ايٽمي هٿيارن تي ڳالهيون ملتوي ڪري هرمز کولڻ جي آڇ: ايٽمي هٿيار نه ڇڏيندا ته پوءِ گڏ ويهڻ جو فائدو ناهي: ٽرمپ

واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي صدر پاران سچوئيشن روم اجلاس ۾ جنگبندي لاءِ ايراني تجويزن جو جائزو، وائيٽ هائوس ترجمان بريفنگ ۾ ٻڌايو ته صدر ٽرمپ جي ريڊلائنز بلڪل واضح آهي، آمريڪا ڪا به اهڙي ڊيل قبول نه ڪندو جنهن ۾ ايران کي ايٽمي هٿيار ٺاهڻ جي اجازت هجي. ميڊيا رپورٽن موجب ڊونلڊ ٽرمپ جي صدارت ۾ وائيٽ هائوس جي ويسٽ ونگ ۾ واقع انٽيلجنس ڪمپليڪس جي گرائونڊ فلور تي سچوئيشن روم ۾ اهم اجلاس ٿيو، آمريڪي ميڊيا موجب اجلاس ۾ قومي سلامتي ۽ پرڏيهي پاليسي جون ٽيمون شريڪ ٿيون، ايراني تجويزن تي غور ڪيو ويو، اجلاس کانپوءِ وائيٽ هائوس جي ترجمان ڪيرولين ليوٽ پريس بريفنگ ۾ چيو آهي ته صدر ٽرمپ جي ريڊلائنز بلڪل واضح آهي، آمريڪا ڪا به اهڙي ڊيل قبول نه ڪندو جنهن ۾ ايران کي ايٽمي هٿيار ٺاهڻ جي اجازت هجي، هن چيو ته صدر ٽرمپ قومي سلامتي جي ٽيم سان ملاقات ۾ ايران جي نئين تجويزن تي غور ڪيو، ايراني تجويزن ۾ آبنائي هرمز ٻيهر کولڻ جي آڇ ڪئي وئي آهي، هن چيو ته پريس ڊنر دوران حملو ٽرمپ کي قتل ڪرڻ جي ٽئين وڏي ڪوشش هئي. ان کان اڳ برطانوي اخبار جي رابطو ڪرڻ تي وائيٽ هائوس جواب ڏيندي چيو ته هي اهم ۽ حساس سفارتي معاملا آهن، آمريڪي ميڊيا وسيلي ڳالهيون نه ڪيون وينديون. ترجمان وائيٽ هائوس موجب صدر ٽرمپ صرف اها ڊيل ڪندو جيڪا آمريڪا جي مفاد ۾ هوندي، ايران کي ايٽمي هٿيار رکڻ جي اجازت نه هوندي، آمريڪي ميڊيا موجب صدر ٽرمپ چيو ايران ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿو ته فون ڪري، آمريڪي ٽيليفون لائنز سٺيون ۽ محفوظ آهن، هن چيو ته ايران کي خبر آهي ته ڊيل ۾ ڇا هجڻ گهرجي، ايٽمي هٿيار نه ڇڏيا ته ايران سان گڏ ويهڻ جو فائدو ناهي، آمريڪي صدر چيو اُميد ته ايران ڏاهپ جو مظاهرو ڪندو، ايران جي رچاءُ ٿيل يورينيم جو  معاملو ڳالهين جو حصو آهي، اسان اُن کي حاصل ڪنداسين
 

تهران/ماسڪو (م ڊ)  ايراني تجويزون پاڪستان وسيلي آمريڪا کي ملي ويون، برطانوي اخبار جي رپورٽ موجب ايران ايٽمي هٿيارن تي ڳالهيون ملتوي ڪري آبنائي هرمز کولڻ جي آڇ ڪري ڇڏي، ايراني تجويزن ۾ جنگبندي سرفهرست آهي، ايران ٻيهر حملا نه ڪرڻ جي ضمانت گهري ورتي، هرمز ان شرط تي کولي سگهجي ٿي ته آمريڪا ايراني سمنڊ جي ناڪابندي ختم ڪري، ان کانپوءِ ايٽمي هٿيارن تي ڳالهيون ٿينديون جيتوڻيڪ آمريڪا پرامن مقصدن لاءِ يورينيم رچاءُ جو ايراني حق تسليم ڪري. هوڏانهن ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي دعويٰ ڪئي آهي ته ٽرمپ ڳالهين جي درخواست ڪئي آهي، جنهن تي ايران غور ڪري رهيو آهي، ايران دنيا جي سڀ کان وڏي طاقتور سامهون بيٺل آهي، ٽرمپ ڳالهين جي درخواست ان ڪري ڪئي جو آمريڪا پنهنجا مقصد حاصل نه ڪري سگهيو. اسلام آباد جي دوري دوران اختيارين سان هاڪاري صلاح مشورا ٿيا، ڳالهين جي عمل ۾ گهڻين جاين تي اڳڀرائي ٿي هئي، پر آمريڪا جي حد کان وڌيڪ مطالبن سبب مقصد حاصل نه ٿي سگهيا، مخصوص حالتن جو جائزو ورتو ويو، جِن تحت آمريڪا سان ڳالهيون جاري رکي سگهجن ٿيون.