| ايران پاران هرمز بابت طريقيڪار تيار، يورپي ملڪن جون تهران سان ڳالهيون |
تهران (م ڊ) ايران آبنائي هرمز ۾ سامونڊي سرگرمين کي منظم ڪرڻ لاءِ نئون ميڪينزم تيار ڪري ورتو. ايراني پارليامينٽ جي نيشنل سيڪيورٽي ڪميشن جي سربراهه ابراهيم عزيزي چيو آهي ته آبنائي هرمز ۾ ايران پاران مقرر ڪيل رستي تي ٽريفڪ ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پيشاوراڻو نظام تيار ڪيو ويو آهي جنهن جو جلد اعلان ڪيو ويندو. هن چيو ته هن ميڪينزم مان ايران سان سهڪار ڪندڙ واپاري جهاز فائدو حاصل ڪندا، ميڪينزم تحت خاص خدمتن جي فيس ورتي ويندي ۽ اهو رستو نام نهاد فريڊم پروجيڪٽ آپريٽرز لاءِ بند رهندو. هوڏانهن اقوام متحده ۾ ايراني مشن پاران چيو ويو آهي ته هاڻي اهو مڪمل طور واضح ٿي چڪو آهي ته آمريڪا پنهنجي سياسي طور متعصب ۽ هڪ طرفي مسودي قرارداد جي مبينا شريڪ ملڪن جي تعداد کي استعمال ڪندي پنهنجي جاري غير قانوني ڪاررواين لاءِ وسيع بين الاقوامي حمايت جي ڪوڙي تصوير ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ خطي ۾ وڌيڪ فوجي مهم جوئي جي راهه هموار ڪري رهيو آهي. اهو بيان آمريڪا ۽ خليجي عرب ملڪن جي وچ ۾ گڏيل طور تي تيار ڪيل آبنائي هرمز جي صورتحال بابت مسودي قرارداد جي جواب ۾ ڏنو ويو. يورپي ملڪن پاران آبنائي هرمز مان بحري جهازن جي آمدورفت جاري رکڻ لاءِ تهران سان ڳالهيون ڪيون ويون، ايراني سرڪاري ٽيليويزن رپورٽ ڪيو آهي ته يورپي ملڪ آبنائي هرمز مان بحري جهازن جي آمد و رفت جي اجازت حاصل ڪرڻ لاءِ تهران سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن. ملڪن جا نالا ظاهر نه ڪندي چيو ويو آهي ته اوڀر ايشيائي ملڪ، خاص طور چين، جاپان ۽ پاڪستان جا جهاز گذرڻ کان پوءِ هاڻي اسان کي اطلاع مليا آهن ته يورپي ملڪن به پاسداران انقلاب جي بحريه کان گذرڻ جي اجازت حاصل ڪرڻ لاءِ ڳالهيون شروع ڪري ڇڏيون آهن.