ايران پاران پاڪستاني حدن ۾ حملو، 2 ٻار شهيد، 3 زخمي، پاڪستان جو سخت احتجاج، ايراني سفير طلب
جنوري 17, 2024
اسلام آباد(م ڊ) ايران پاران پاڪستاني حدن ۾ حملي جي نتيجي ۾ 2 ٻار شهيد ۽ 3 زخمي ٿي پيا. ان ڏس ۾ ميڊيا رپورٽن موجب پاڪستان ايراني حدن مان حملي جي نتيجي ۾ ٻن ٻارڙن جي مارجي وڃڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پاڪستان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايران جي ان عمل جي مذمت ڪيون ٿا. ايران فضائي حدن جي ڀڃ ڪڙي ڪئي ۽ پاڪستاني حدن ۾ حملو ڪيو. ايران جي ان قدم جي مذمت ڪيون ٿا. حملي ۾ ٻه ٻارڙا مارجي ويا هئا ۽ 3 زخمي ٿي پيا هئا. ايراني اختيارين کي چتاءُ ڏيون ٿا ته اڳتي ان قسم جي ڪارروائي نه ڪئي وڃي. ٻئي پاسي پرڏيهي کاتي ايراني سفير کي طلب ڪري ورتو آهي. ايراني سفير کي طلب ڪري واقعي تي سخت احتجاج ڪيو ويو.