ايران پاڪستان جي ٻن جهازن کي هرمز مان گذاري ڇڏيو

ايران پاڪستان جي ٻن جهازن کي هرمز مان گذاري ڇڏيو

تهران (م ڊ) ايران ٻن پاڪستاني جهازن کي آبنائي هرمز مان گذرڻ جي خصوصي اجازت ڏئي ڇڏي. شپنگ ذريعن موجب پي اين ايس سي جو جهاز ملتان ۽ چارٽر جهاز آبنائي هرمز مان ٻاهر نڪري آيا، چارٽر جهاز پي اليڪي ۾ ساڍا اٺ ڪروڙ ٽن خام تيل ڀريل آهي. ٻئي بحري جهاز 31 مارچ تي پاڪستان پهچندا. شپنگ ذريعن موجب پي اين ايس سي جهاز ملتان ۽ چارٽر جهاز پي اليڪي هرمز مان ٻاهر نڪري آيا آهن، شپنگ ذريعن ٻڌايو ته چارٽر جهاز پي اليڪي ۾ ساڍا 8 ڪروڙ ليٽر تيل ڀريل آهي.