ايران پاڪ_سعودي دفاعي معاهدي ۾ شامل ٿيڻ جو خواهشمند

 ايران پاڪ_سعودي دفاعي معاهدي ۾ شامل ٿيڻ جو خواهشمند

اسلام آباد(م ڊ) ايران پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ دفاعي معاهدي ۾ شامل ٿيڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي. ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته ايران کي به هن معاهدي ۾ شامل ڪيو وڃي. او آءِ سي کي نيٽو جي ماڊل تي اسلامي ملڪن جي گڏيل فوج ٺاهڻ گهرجي. ايراني اسپيڪر چيو ته پاڪستان ۽ ٻين اسلامي ملڪن کي صرف فلسطينين جي حفاظت ۽ مدد لاءِ غزه ۾ پنهنجون فوجون موڪلڻ گهرجن ۽ اهڙو ڪو به قدم نه کڻڻ گهرجي جيڪو اسرائيلي تسلط کي وڌيڪ مضبوط ڪري. ڪو به ايراني اسرائيلي جارحيت دوران پاڪستان پاران ايران جي مدد کي وساري نٿو سگهي. ايراني اسپيڪر چيو ته پاڪستان مسلم امت لاءِ هڪ بهترين اثاثو آهي، پاڪستان ۽ ايران گڏيل چئلينجن کي منهن ڏئي رهيا آهن، جن کي گڏجي منهن ڏئي سگهجي ٿو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ طبي، توانائي ۽ بينڪنگ سميت شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن.