| ايران چين جي ٻن بحري جهازن کي هرمز اڪاري ڇڏيو |
بيجنگ (م ڊ) چيني ڪمپني جا ٻه ڪنٽينربردار جهاز ڪاميابي سان هرمز کاڙي پار ڪري ويا چين جي وڏي شپنگ ڪمپني جا ٻه ڪنٽينربردار جهاز کاڙي مان گذري ويا. شپ ٽريڪنگ ڊيٽا موجب سي ايس سي ايل انڊين اوشن ۽ سي ايس سي آرڪٽڪ اوشن نالي جهاز گذريل ڏينهن وقفي وقفي سان هرمز کاڙي پار ڪئي. ٻئي جهاز هاڻي ملائيشيا جي بندرگاهه پورٽ ڪلانگ ڏانهن روانا آهن. ان کان اڳ پاڪستاني جهنڊي وارا جهاز به ڪاميابي سان هرمز کاڙي پار ڪري ويا هئا.