خبریں آپ کے لئے!

چاہتے ہیں جدید معلومات؟

ہمارا مقصد آپ کو تازہ ترین خبریں اور معلومات فراہم کرنا ہے۔ یہاں آپ کو اہم موضوعات پر جامع تجزیات اور بصیرت ملیں گے۔ آئے، اور اپنی معلومات کو بڑھائیں، ہم ہمیشہ آپ کی خدمت میں ہیں۔

مضامین کی فہرست

ہمارا مقصد آپ کو diverse موضوعات پر قیمتی معلومات فراہم کرنا ہے۔ یہاں آپ مختلف اہم موضوعات پر لکھے گئے مضامین کو تلاش کر سکتے ہیں، جو کہ آپ کی معلومات میں اضافہ کریں گے۔

اہم موضوعات

یہاں آپ کو اہم خبروں اور تجزیوں کا مجموعہ ملے گا، جو آپ کی روزمرہ کی زندگی اور معلوماتی ضروریات کے لئے مفید ہوگا۔ ہماری تمام تحریریں سادہ اور آسان زبان میں پیش کی گئی ہیں۔

ہماری تازہ ترین معلومات کے لئے سبسکرائب کریں

ہماری ویب سائٹ پر آپ کو تازہ ترین خبریں اور دلچسپ مضامین ملیں گے۔ ہمیں یقین ہے کہ آپ کو ہماری معلومات فائدہ مند لگیں گی۔ اس لئے، براہ کرم سبسکرائب کریں تاکہ آپ ہماری تازہ ترین اپ ڈیٹس سے باخبر رہ سکیں۔

ہمارے قارئین

عمومی سوالات

آپ کے عمومی سوالات کے جوابات یہاں موجود ہیں۔
کیا میں ویب سائٹ پر مواد شائع کرسکتا ہوں؟

ہماری ویب سائٹ پر موجود معلومات آپ کے علم میں اضافہ کرنے کے لئے اہم ہیں۔ ہم ہر سوال کا جواب دینے کی کوشش کر رہے ہیں۔ اگر آپ کو مزید مدد کی ضرورت ہو تو بلا جھجھک ہم سے رابطہ کریں۔

سوالات کے جواب آپ کی رہنمائی کے لئے مختص ہیں۔ ہماری کوشش ہے کہ آپ کو جلدی اور صحیح جواب فراہم کریں تاکہ آپ کے خدشات دور ہو سکیں۔

ہمارا ہدف اپنے قارئین کو معلومات فراہم کرنا اور ان کی تشفی کرنا ہے۔ اگر کوئی سوال یا تجویز ہو تو آپ ہمیں بتا سکتے ہیں۔

ہمیں امید ہے کہ آپ کو یہاں دستیاب معلومات مفید لگیں گی۔ آپ کی رائے اہم ہے اور ہم اسے خوش دلی سے قبول کریں گے۔

اگر آپ کو مزید وضاحت یا معلومات چاہیے تو ہمارے مضامین کو دیکھیں۔ ہم مفید اور واضح معلومات فراہم کرنے کا عزم رکھتے ہیں۔

آپ کی خبریں کہاں سے لیکر آتی ہیں؟

ہماری ویب سائٹ پر آپ کے سوالات کے جوابات دینے کے لئے ایک پریس سیکشن بھی ہے جہاں آپ اپنے سوالات پیش کرسکتے ہیں۔

اگر آپ کو مزید سوالات ہیں تو آپ ہمارے روابط سے ہم سے رابطہ کرسکتے ہیں۔ ہم آپ کی خدمت میں ہازر ہیں۔

ہماری معلومات ہمیشہ موجود رہیں گی۔ برائے مہربانی بار بار وزٹ کریں اور نئے سوالات بھیجیں!

ہم آپ کے سوالات کا خیر مقدم کرتے ہیں۔ آپ کی تشویشات اور مشورے ہماری رہنمائی کریں گے۔

مزید معلومات اور سوالات کے لئے ہمیشہ ہماری مدد لائین تک رسائی حاصل کریں۔ ہم آپ کی مدد کے لئے حاضر ہیں۔

ايران کانپوءِ جو “ايران” … جاويد ڀٽي

                 اڄ جي وچ اوڀر ۾ جنگ رڳو بمن ۽ ميزائلن سان نه، پر انٽيليجنس، بيان بازي، معاشيات، فوجي ڌمڪين ۽ خوف جي سياست ذريعي وڙهي پئي وڃي، جنهن سان خطو ڪنهن انقلابي تبديلي نه، پر ڊگهي، ٿڪائيندڙ ۽ غير يقيني دور ۾ داخل ٿي چڪو آهي. ايران جي اندروني بحران کي اسرائيل ۽ اولهه “ميڊيا ۽ معاشي هٿيار” طور استعمال ڪري رهيا آهن. اسرائيل جي سيڪيورٽي اصطلاح، موساد ۽ CIA  جون خاموش ڪوششون، ۽ عرب ملڪن جا محتاط قدم، سڀ هڪ ئي حقيقت ڏانهن اشارو ڪن ٿا ته رجيم چينج جي قيمت، عراق جهڙي افراتفري، شام جهڙو ٽڪراءُ ۽ لبيا جهڙي صورتحال پيدا ڪري سگهي ٿي، ان ڪري ”رجيم مئنيجمينٽ“ واري فارمولي تي عمل ڪيو وڃي، ”ايران ڪمزور هجي، پر ڪنٽرول ۾ هجي“، جيڪو عرب راڄڌانين لاءِ قابل قبول آهي.

                 ايران ۽ اولهه جي ڪجهه حلقن اندر اها خاموش اميد ضرور موجود آهي ته جيڪڏهن ايران جي مذهبي حڪومت جو خاتمو ڪرايو وڃي ته پورو خطو سندن اثر هيٺ اچي ويندو، پر سندن اها سوچ انتهائي غير مؤثر آهي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته نظرياتي رياستن ۾ حڪومت جو خاتمو اڪثر استحڪام نه، پر وڌيڪ انتهاپسندي کي جنم ڏيندو آهي. ايران جي صورتحال ان حوالي سان خاص طور تي ڳڻتي جوڳي آهي. اسلامي جمهوريه رڳو هڪ سياسي نظام ناهي، پر هڪ مسلح، نظرياتي رياست آهي، جنهن اندر ڪيترائي طاقت جا مرڪز موجود آهن. جيڪڏهن سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي کي هٽايو وڃي، چاهي عوامي بغاوت، اندروني طاقت جي ويڙهه يا اوچتي وفات سبب، ته پاسدارانِ انقلاب (IRGC)، انٽيليجنس نيٽ ورڪ ۽ سخت گير مليشيا پاڻمرادو ختم نه ٿيندا. اُهي هڪٻئي سان مقابلي ۾ لهندا، ۽ ان مقابلي ۾ ميزائلن، ڊرونن، علائقائي نيٽ ورڪن ۽ ايٽمي ڍانچي تي ڪنٽرول سڀ کان اهم هٿيار بڻجي ويندو. جيڪو آمريڪا سميت اسرائيل لاءِ اصل خوفناڪ منظرنامو آهي. عام حڪومتن جي زوال جي ابتڙ، ايران جا فوجي ۽ حڪمتِ عمليءَ وارا پروگرام ۽ ادارا هڪ ڳجهي نيٽ ورڪ ۾ ورهايل آهن. بيلسٽڪ ميزائل يونٽ، ڊرون ٺاهڻ جا مرڪز ۽ ايٽمي ڪارخانن سميت انهن جا سائبر انٽيليجنس نيٽ ورڪ سڄي ملڪ ۾ پکڙيل آهن، جن مان ڪيترن تي سول ادارن بجاءِ سڌو سنئون پاسدارانِ انقلاب جو ڪنٽرول آهي. مرڪزي مذهبي حڪومت جي ڪمزور ٿيڻ سان اهي پروگرام بند نه ٿيندا، پر اهي سڀ پروگرام ۽ ادارا مختلف هٿياربند گروهن جي حوالي ٿي ويندا ۽ ورهاست تسلسل کان گهڻو وڌيڪ خطرناڪ هوندي آهي. هڪ ڪمزور پر مرڪزي حڪومت کي اڃا به روڪي سگهجي ٿو، پر هڪ ٽٽل ۽ ورهايل ايران، جتي مختلف ڌڙا ”انقلابي سچائي“ ثابت ڪرڻ لاءِ اسرائيل خلاف جارحيت کي هٿيار بڻائڻ ۾ دير ئي نه ڪندا. اهڙي رياست کي روڪڻ تقريباً ناممڪن هوندو. اهڙي ماحول ۾ ضبط ۽ احتياط ڪمزوري سمجهيا ويندا، نه حڪمت عملي. سخت گير ڪمانڊر سمجهي سگهن ٿا ته اسرائيل سان وڏو ٽڪراءُ ئي سندن اقتدار کي جائز بڻائڻ، قومپرستي کي اُڀارڻ ۽ مخالف ڌڙن کي دٻائڻ جو تيز ترين رستو آهي. ان کان علاوه، ايران جا علائقائي اتحادي (Proxies) به تهران کان هدايتن جو انتظار نه ڪندا. حزب الله، حوثي، عراقي مليشيا ۽ فلسطيني گروهه اڳ ئي خودمختيار ڪمانڊ ڍانچا ۽ نظرياتي محرڪ رکن ٿا. تهران ۾ طاقت جو خلا انهن کي وڌيڪ همت ڏيندو ته هو پاڻ کي “مزاحمتي محور” جو حقيقي وارث ثابت ڪن. نتيجي طور هڪ ئي وقت، بغير هم آهنگي جي، ڪيترن محاذن تي ڇڪتاڻ وڌي سگهي ٿي، جيڪا غلط حساب ڪتاب ۽ مڪمل جنگ جو خطرو وڌائي ڇڏيندي.

جيتوڻيڪ ايران جا مڪمل ايٽمي هٿيار فوري طور تي تيار ٿيڻ شايد ممڪن نه هجن، پر علم، مواد ۽ يورينيم جي رچاء جون صلاحيتون اڳ ئي موجود آهن. خامنه اي کان پوءِ پيدا ٿيندڙ افراتفري ۾ انهن وسيلن جي حفاظت تقريباً ناممڪن هوندي. جيڪڏهن صرف اهو تاثر به پيدا ٿيو ته ايٽمي مواد يا جديد سينٽريفيوج ٽيڪنالاجي باغي ڌڙن جي هٿ اچي سگهي ٿي، ته اسرائيل ۽ شايد آمريڪا کي به انتهائي خطري وارا، جلدي فوجي فيصلا ڪرڻا پئجي سگهن ٿا، جن جا عالمي اثر انتهائي خطرناڪ نڪرندا.

هڪ تلخ حقيقت اها به آهي ته جيڪي ماڻهو حڪومت جي زوال تي خوشيون ملهائڻ ٿا چاهين، سي اها ڳالهه نظرانداز ڪن ٿا ته موجوده ايراني قيادت اڪثر نظرياتي شهادت کان وڌيڪ حڪومت جي بقا کي ترجيح ڏئي ٿي. اسلامي جمهوريه پنهنجي دشمني باوجود حڪمت، حدن جي سڃاڻپ ۽ منظم حڪمت عملي جو مظاهرو ڪيو آهي. افراتفري مان جنم وٺندڙ ڪا نئين حڪومت شايد انهن ٽنهي خوبين کان محروم هجي. انهيءَ ڪري اسرائيل لاءِ سوال اهو ناهي ته ايراني حڪومت خراب آهي يا نه، پر اصل سوال اهو آهي ته ڇا ان جي اوچتي زوال سان اسرائيل وڌيڪ محفوظ ٿيندو؟ ماضيءَ جون شاهديون ٻڌائين ٿيون ته نه. پر اهو اهڙو دور آڻي سگهي ٿو، جتي روڪٿام، ڪمزور، ڇڪتاڻ تيز، ۽ حڪمتِ عملي وارا هٿيار اندروني طاقت جي جنگ ۾ سوديبازي جا اوزار بڻجي وڃن. ان جو مطلب اهو ناهي ته اسرائيل کي موجوده حڪومت کي بچائڻ گهرجي يا دٻاءُ ڇڏي ڏي. پر اهو ضرور آهي ته اسرائيل کي نعرا هڻڻ ۽ خواهشن تي ڀروسو ڪرڻ بدران حقيقت پسنداڻي سوچ رکڻي پوندي. قابو ۾ رکڻ، صلاحيتن کي ڪمزور ڪرڻ ۽ ڊگهي مدي وارا حفاظتي قدم شايد حڪومت جي زوال تي جوا جو داءُ لڳائڻ کان وڌيڪ محفوظ حڪمت عملي هجن. خفيه آپريشن، علائقائي دفاعي سهڪار، ميزائل روڪٿام نظام ۽ عالمي سفارتي دٻاءُ اهم اوزار رهندا.

اسرائيل جي قومي سلامتي رڳو فوجي طاقت تي ٻڌل ناهي، پر اها هڪ مڪمل سيڪيورٽي فلسفي تي بيٺل آهي، جنهن کي اسرائيلي اصطلاح ۾ “National Security Doctrine” چيو وڃي ٿو. ان ڪري اسرائيل جي حڪمتِ عملي کليل جنگ بدران ”جنگ بغير اعلان“ تي ٻڌل رهي آهي. موساد ۽ سي آئي اي ويهارو سالن کان ايران ۾ ايٽمي سائنسدانن جا ٽارگيٽيڊ قتل، ايٽمي سهولتن تي سائبر حملا (جهڙوڪ اسٽڪسنيٽ) اندروني بيچيني، احتجاج ۽ اختلافن جي غير سڌي حمايت ۽ اقتصادي دٻاءُ وڌائڻ لاءِ پابندين جي انٽيليجنس سپورٽ جهڙا آپريشن جاري رکيو ويٺي آهي.

حقيقت اها آهي ته ايران اندر احتجاج، معاشي بحران ۽ سياسي بيزاري باوجود، رياست جو سيڪيورٽي ڍانچو، خاص طور تي پاسدارانِ انقلاب، اڃا تائين مضبوط آهي. مغربي انٽيليجنس حلقن ۾ به هاڻي اهو خيال زور وٺي رهيو آهي ته “ڪنٽرول هيٺ دشمن، افراتفريءَ واري دشمن کان بهتر هوندو آهي.” ان سڄي معاملي ۾ عرب دنيا به هاڻ مختلف ڌڙن ۾ ورهائجي وئي آهي. عرب امارات، بحرين، سعودي عرب ايران کي بنيادي خطرو سمجهن ٿا ۽ اسرائيل سان سلامتي ۽ ٽيڪنالاجي سهڪار کي مستقبل جي ضمانت سمجهن ٿا. عراق جي مليشيا، يمن جا حوثي، لبنان ۾ حزب الله ۽ فلسطين ۾ حماس ايران سان نظرياتي ۽ فوجي وابستگي رکن ٿا. قطر، عمان، ڪويت جيڪي سفارتڪاري، ثالثي ۽ واپار ذريعي پنهنجو وجود بچائڻ چاهين ٿا. جيڪڏهن ايران ۾ اوچتو نظام جو خاتمو ٿيو، ته عرب دنيا لاءِ خطرا وڌي ويندا، جنهن سان شيعا- سني ڇڪتاڻ ٻيهر شدت اختيار ڪري سگهي ٿي، تيل ۽ سامونڊي واپار جا رستا غير محفوظ ٿي سگهن ٿا ۽ ويڙهاڪ ڌڙا پنهنجي منهن انهن ملڪن خلاف خوفناڪ ڪارروائي ڪري سگهن ٿا. پر جيڪڏهن طاقت جو توازن برقرار رهيو، ته عرب ملڪ آهستي آهستي اقتصادي سلامتي، ٽيڪنالاجي ۽ علائقائي اتحاد ڏانهن وڌي سگهن ٿا ۽ ٽڪرا ٽڪرا ٿيل طاقت، تسلسل واري طاقت کان گهڻو وڌيڪ خطرناڪ هوندي آهي. هڪ ڪمزور پر مرڪزي ايراني حڪومت کي اڃا به روڪي سگهجي ٿو، پر هڪ ٽٽل ايران کي دنيا جي ڪا به طاقت وري ڪنٽرول نه ڪري سگهندي ۽ اُتي روڪٿام جو تصور ئي ختم ٿي ويندو. اهڙي حالت ۾ احتياط ڪمزوري بڻجي ويندي.

ڪيترن اسرائيلي ۽ عرب دفاعي مبصرن ۽ فوجي ماهرن يورپي ملڪن جي حڪمت عملي تي هاءِ گهوڙا شروع ڪئي آهي. اسرائيلي دفاعي ماهر هارٽز پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکيو آهي ته ايران ۾ اوچتو نظام جو زوال اسرائيل لاءِ اسٽريٽجڪ آفت ٿي سگهي ٿو. ايٽمي ۽ ميزائل پروگرام جو ٽٽل ڪنٽرول، مرڪزي حڪومت کان وڌيڪ خطرناڪ آهي. خامنه اي کانپوءِ افراتفري جي شڪار ايران وٽ پهريون اهڙو دشمن سامهون هوندو، جنهن وٽ ايٽمي هٿيار ته هوندا پر حڪم ڏيڻ وارو ڪو ليڊر نه هوندو. اسرائيل جي ڪجهه مبصرن جو چوڻ آهي ته ايران جي موجوده قيادت، نظرياتي هوندي به حساب ڪتاب سان هلندي آهي پر انهن جي انقلابي گارڊز کي ڪير روڪڻ وارو نه هوندو. ايران جو ڪمزور رهڻ ضروري آهي، پر بي رياست ٿيڻ خطرناڪ آهي.

عربي اخبارن لکيو آهي ته، ااا“ايران کان پوءِ جو ايران، عرب دنيا لاءِ امتحان” آهي. الجزيره لکيو آهي ته “ايران جو ازوال، خطي کي آزاد نه، پر وڌيڪ غير مستحڪم ڪندو. العربيه لکيو آهي ته ايران جي پراڪسي پاليسي عرب ملڪن لاءِ وڏو خطرو آهي. پر ٻئي ڌريون ان ڳالهه تي متفق آهن ته “رياستي دشمن کي ڪمزور رکڻ، رياست ٽوڙڻ کان گهٽ خطرناڪ  آهي”.

مجموعي طور ڏسجي ته ايران جو موجوده بحران ڪنهن هڪ حڪومت جي زوال يا اقتدار جي تبديلي جو سوال نه، پر پوري وچ اوڀر جي مستقبل سان ڳنڍيل هڪ انتهائي نازڪ ۽ ڳنڀير مرحلو آهي، جتي جذبات، نعرا ۽ خواهشون نه، پر طاقت جو توازن، روڪٿام ۽ حڪمت عملي فيصلو ڪن ٿا. ايران جو اوچتو ٽٽڻ يا بي رياست ٿيڻ اسرائيل، عرب دنيا ۽ عالمي نظام لاءِ نجات نه، پر هڪ اهڙو افراتفريءَ وارو در کوليندو، جنهن مان انتهاپسندي، غير منظم هٿياربند ڌڙا، ايٽمي ۽ ميزائل صلاحيتن جي بي قابو ورهاست ۽ بي حساب علائقائي جنگيون اجنم وٺنديون. هڪ ڪمزور پر مرڪزي ايران کي سفارتي، معاشي ۽ فوجي دٻاءُ ذريعي روڪي سگهجي ٿو، پر هڪ ورهايل ايران اهڙو عفريت بڻجي سگهي ٿو، جنهن کي ڪا به طاقت ٻيهر ڪنٽرول نه ڪري سگهندي. تاريخ واضح ڪري ٿي ته نظرياتي رياستن جي زبردستي زوال سان استحڪام نه، پر وڌيڪ خونريزي ۽ عدم تحفظ پيدا ٿيندو آهي. ان ڪري اسرائيل ۽ خطي جون ٻيون قوتون جيڪڏهن واقعي سلامتي چاهين ٿيون ته کين خواهشن ۽ نعريبازي بدران حقيقت پسندانه سوچ اختيار ڪرڻي پوندي، جتي رياست کي ٽوڙڻ کان پاسو ڪرڻ، صلاحيتن کي محدود ڪرڻ، طاقت جي توازن کي سنڀالڻ ۽ ڊگهي مدي واري روڪٿام ئي وچ اوڀر کي مڪمل تباهيءَ کان بچائڻ جو واحد رستو بڻجي سگهي ٿو، ڇو ته رياستن کي ڊاهڻ آسان هوندو آهي، پر افراتفري مان پيدا ٿيندڙ خطرا نسلن تائين ختم ناهن ٿيندا.