| ايران کانپوءِ ڪيوبا ٽرمپ جي نشاني تي ايندو: رپورٽ ۾ دعويٰ |
لاس اينجلس (م ڊ) آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جرنل چيو آهي ته ٽرمپ جنگ جلدي ختم ڪرڻ تي زور ڏئي رهيو آهي ۽ ايران سان تڪرار 4 کان 6 هفتن ۾ نبيرڻ جو خواهشمند آهي. آمريڪي اخبار موجب صدر ٽرمپ ويجهن صلاحڪارن کي ٻڌايو آهي ته هو ايران سان جنگ ڊگهي ڪرڻ نه ٿو چاهي، آمريڪي صدر سمجهي ٿو ته جنگ پنهنجي آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي. رپورٽ موجب وائيٽ هائوس چيني صدر سان مئي ۾ بيجنگ ملاقات ان بنياد تي رکي ته جنگ ان کان اڳ ختم ٿي ويندي، ٽرمپ جو ڌيان ڪڏهن ڪڏهن ٻين سياسي معاملن جهڙوڪ وچ مدي وارين چونڊن ۽ اميگريشن قدمن ڏانهن منتقل ٿي ويندو آهي، صدر هڪ ساٿي کي ٻڌايو ته جنگ سندس ٻين ترجيحن تان ڌيان هٽائي رهي آهي، ويجهن صلاحڪارن موجب ٽرمپ ايندڙ وڏي چئلينج ڏانهن وڌڻ لاءِ بي چين نظر اچي ٿو ڪجهه اتحادي پراميد آهن ته ٽرمپ ڪيوبا جي ڪميونسٽ حڪومت جي خاتمي تي ڌيان ڏيندو.