ايران کي منهن ٽوڙ جواب، آپريشن مرگ بر سرمچار ۾ 9 ڄڻا مارجي ويا: بي ايل اي ۽بي ايل ايف جا ٺڪاڻا تباهه ڪيا: پاڪ فوج

جنوري 19, 2024

راولپنڊي/اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان جو ايران کي منهن ٽوڙ جواب، آپريشن مرگ بر سرمچار شروع ڪري ڏنو، ايران جي صوبي سيستان ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي ڪارروائي ۾ 9 ڄڻا مارجي ويا. ان حوالي سان  آءِ ايس پي آر ايران جي علائقي سيستان ۾ ڪيل حملي تي وضاحتي بيان جاري ڪري ڇڏيو. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب، 18 جنوري جي صبح پاڪستان، ايران ۾ حملا ڪيا ۽ انهن دهشتگردن خلاف ڪارروائيون ڪيون جيڪي پاڪستان ۾ تازن حملن ۾ ملوث هئا، پاڪستان ڊرونز، ميزائل، راڪيٽس ۽ ٻين هٿيارن سان ڪارروائيون ڪيون. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سيستان ۾ بلوچستان لبريشن آرمي (بي ايل اي) ۽ بلوچستان لبريشن فرنٽ (بي ايل ايف) جي ٿاڪن کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو ويو، آپريشن ڳجهي اطلاع تي ڪيو ويو ۽ آپريشن جو نالو ” مرگ بر  سرمچار“ رکيو ويو آهي.  آپريشن دوران شهرين کي جاني نقصان کان بچائڻ جو خاص خيال رکيو ويو، تباهه ڪيل ٺڪاڻن کي بدنام دهشتگرد دوستا عرف چيئرمين، بجر عرف سوغات، ساحل عرف شفق، اصغر عرف بشام ۽ وزير عرف وضي استعمال ڪري رهيا هئا، پاڪستان جون هٿياربند فوجون دهشتگردي خلاف پاڪستان جي شهرين جي تحفظ لاءِ هر وقت تيار آهن، آءِ ايس پي آر پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته اسان جو عزم آهي پاڪستان جي علائقائي حدن جي خودمختياري کي هر صورت ۾ محفوظ بڻائينداسين، عوام جي مدد سان پاڪستان سمورن دشمنن کي ناڪام بڻائڻ جو عزم ورجائي ٿو ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ ٻن پاڙيسري ملڪن سان ڳالهيون ۽ سهڪار کي هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا، دوست ملڪن سان ٻه طرفا معاملا طئي ڪرڻ چاهيون.هوڏانهن ايران پاڪستاني حملن ۾ 9 ڄڻن جي مارجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي، ايران جي سرڪاري خابرو اداري ارنا پاڪستان جي حملن ۾ 9 ڄڻن جي مارجي وڃڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، ايران جي سرڪاري ميڊيا پاران پاڪستان جي حملي ۾ شهرين جي مارجي وڃڻ جي واويلا ڪئي پئي وڃي، ايراني ميڊيا موجب صبح سراوان شهر ۽ ڀرپاسي جا علائقا ڌماڪن سان گونجي اٿيا، 9 معصوم شهري مارجي ويا آهن جن ۾ 3 عورتون، ٻه مرد، 4 ٻار شامل آهن. ايراني صوبي سيستان جي ڊپٽي گورنر جنرل علي رضا مرهماتي چيو آهي ته حملن ۾ مارجي ويل 9 ڄڻا ايراني شهري نه هئا، سراوان جو علائقو سيستان صوبي جي راڄڌاني زاهدان کان 347 ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر ۾ آهي. ايران جي گهرو وزير احمد وحيدي پاڪستاني ميزائل حملي ۾ 9 ڄڻا مارجي وڃڻ جي تصديق ڪئي وئي. ٻئي طرف پاڪستان جي پرڏيهي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وڌيڪ ٻڌايو آهي ته آپريشن جو نالو مرگ بر سرمچار رکيو ويو آهي، سيستان ۾ انٽيليجنس بنيادن تي پاڪستاني آپريشن ۾ ڪيترائي دهشتگرد مارجي ويا. پرڏيهي ترجمان جو چوڻ هو ته پاڪستان ڪجهه سالن کان ايران کي بار بار دهشتگردن جي چرپر بابت آگاهه ڪندو رهيو، آپريشن جي ڪاميابي هٿياربند فوج جي پيشوراڻي مهارت جو ثبوت آهي، هن چيو ته پاڪستان پنهنجي عوام جي تحفظ ۽ سلامتيءَ لاءِ ضروري قدم کڻدو رهندو، پاڪستان اسلامي جمهوريه ايران جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو مڪمل احترام ڪري ٿو. پرڏيهي ترجمان موجب ڪارروائي جو مقصد پاڪستان جي پنهنجي سلامتي ۽ قومي مفاد لاءِ هو، پاڪستان جي سلامتي ۽ قومي مفاد حاصل ڪرڻ تي ڪو به سمجهوتو نٿو سگهجي. واضح رهي ته ايران طرفان پاڪستاني هوائي حدن جي ڀڃڪڙي ايران 16 جنوري جي رات بلوچستان جي علائقي پنجگور جي هڪ ڳوٺ ۾ ميزائل ۽ ڊرون حملا ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ ٻه معصوم ٻار شهيد ۽ ٽي زخمي ٿي پيا هئا.

Leave A Comment