ايران کي هارائڻ ۾ ناڪامي: ٽرمپ جو فوجون لاهڻ تي غور

ايران کي هارائڻ ۾ ناڪامي: ٽرمپ جو فوجون لاهڻ تي غور

واشنگٽن (م ڊ) ميڊيا رپورٽن موجب ٽرمپ انتظاميا ايران خلاف فوجي ڪارروائي ۾ وڏي پيماني تي شدت آڻڻ جي منصوبن تي غور ڪري رهي آهي. آمريڪي عملدارن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن سفارتي ڪوششون ناڪام ويون ته پينٽاگون رڳو فضائي حملن تائين محدود نه رهندو، پر ايران جي اندر اهم هدفن تي قبضي لاءِ زميني فوج پڻ لاهي سگهي ٿو. رپورٽن ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته انهن منصوبن ۾ ايران جي حساس فوجي ٺڪاڻن ۽ جوهري پروگرام کي نشانو بڻائڻ شامل آهي. خاص طور تي زمين اندر موجود افزوده يورينيم کي تباهه ڪرڻ يا پنهنجي قبضي ۾ وٺڻ جا آپشنز پڻ غور هيٺ آهن. ان سان گڏوگڏ، تيل جي عالمي سپلاءِ کي محفوظ بڻائڻ بهاني آمريڪا ايران جي اهم’خارگ  ٻيٽ تي قبضو ڪرڻ يا تيل جي بنيادي ڍانچي تي وڏي پيماني تي حملن جو جائزو وٺي رهيو آهي.