ايران کي هرمز بند ڪرڻ جو ڪو اختيار ناهي: عرب امارات

ايران کي هرمز بند ڪرڻ جو ڪو اختيار ناهي: عرب امارات

ابوظهبي (م ڊ) گڏيل عرب امارات ايران جي هرمز جي بندش تي سخت رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته ايران وٽ هن اهم آبي رستي کي بند ڪرڻ يا محدود ڪرڻ جو اختيار نه آهي. اماراتي وزير صنعت ۽ ابو ظهبي جي اسٽيٽ آئل ڪمپني جي سربراهه سلطان احمد الجابر سوشل ميڊيا تي لکيو ته اهڙي ڪا به ڪوشش علائقائي مسئلو ناهي پر عالمي معيشت کي خراب ڪرڻ برابر آهي ۽ هر ملڪ جي توانائي، کاڌي ۽ صحت جي سلامتي لاءِ سڌو خطرو آهي. الجابر چيو ته اهڙو مثال قائم ڪرڻ غيرقانوني، خطرناڪ ۽ ناقابل قبول آهي. دنيا ان کي برداشت نه ٿي ڪري سگهي ۽ اهو ٿيڻ نه ڏنو وڃي.