| ايران کي هرمز مان لنگهڻ لاءِ في جهاز 20 لک ڊالر آمدني؟ |
تهران (م ڊ) ايراني پارليامينٽ جي ميمبر علاءُالدين بروجردي دعويٰ ڪئي ته ايران هرمز کاڙي مان گذرندڙ ڪجهه جهازن کان 2 ملين ڊالر في وصول ڪري رهيو آهي. هن چيو ته هرمز ۾ هڪ نئين انتظاميه لاڳو ڪئي پئي وڃي ۽ جنگ جي قيمت هوندي آهي. اهو ايران جي اختيار ۽ حق کي ظاهر ڪري ٿو.