| ايران کي يورينيم بدلي 20 ارب ڊالر ڏيڻ جي تجويز |
واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جنگ ختم ڪرڻ لاءِ 3 صفحن جي منصوبي تي ڳالهيون جاري آهن. آمريڪي نيوز ويب سائيٽ ايڪسيوس دعويٰ ڪئي آهي ته منصوبي ۾ هڪ اهم تجويز اها آهي ته آمريڪا ايران جي افزوده يورينيم جي ذخيري کي ڇڏڻ جي بدلي ۾ 20 ارب ڊالر جي منجمد ايراني رقم جاري ڪندو. آمريڪي انتظاميا جي هڪ وڏي ترجيح ايران کي پنهنجي زير زمين ايٽمي سهولتن ۾ تقريبن 2,000 ڪلوگرام رچايل يورينيم تائين رسائي کان روڪڻ آهي، خاص طور تي 450 ڪلوگرام يورينيم جيڪو 60 سيڪڙو تائين رچايو ويو آهي. ڳالهين جي شروعاتي مرحلي ۾، آمريڪا ايران کي 6 ارب ڊالر جاري ڪرڻ لاءِ تيار هو جڏهن ته ايران 27 ارب ڊالر جو مطالبو ڪيو. تازين ڳالهين ۾ 20 ارب ڊالر جي رقم تي غور ڪيو پيو وڃي. هڪ آمريڪي عهديدار چيو ته اها آمريڪي تجويز هئي، جڏهن ته هڪ ٻئي آمريڪي عهديدار ‘پيسن جي بدلي يورينيم’ تجويز کي ‘بحث هيٺ ڪيترن ئي نقطن مان هڪ’ قرار ڏنو. آمريڪا مطالبو ڪيو ته ايران پنهنجو سمورو ايٽمي مواد آمريڪا ڏانهن منتقل ڪري، جڏهن ته ايران صرف ان ۾ گهٽ ۾ گهٽ ملاوٽ ڪرڻ تي راضي ٿيو. هڪ تجويز اها آهي ته انتهائي افزوده يورينيم کي ٽئين ملڪ ڏانهن منتقل ڪيو وڃي جڏهن ته باقي يورينيم بين الاقوامي نگراني هيٺ ايران ۾ گهٽ رچايو وڃي.