خبریں آپ کے لئے!

چاہتے ہیں جدید معلومات؟

ہمارا مقصد آپ کو تازہ ترین خبریں اور معلومات فراہم کرنا ہے۔ یہاں آپ کو اہم موضوعات پر جامع تجزیات اور بصیرت ملیں گے۔ آئے، اور اپنی معلومات کو بڑھائیں، ہم ہمیشہ آپ کی خدمت میں ہیں۔

مضامین کی فہرست

ہمارا مقصد آپ کو diverse موضوعات پر قیمتی معلومات فراہم کرنا ہے۔ یہاں آپ مختلف اہم موضوعات پر لکھے گئے مضامین کو تلاش کر سکتے ہیں، جو کہ آپ کی معلومات میں اضافہ کریں گے۔

اہم موضوعات

یہاں آپ کو اہم خبروں اور تجزیوں کا مجموعہ ملے گا، جو آپ کی روزمرہ کی زندگی اور معلوماتی ضروریات کے لئے مفید ہوگا۔ ہماری تمام تحریریں سادہ اور آسان زبان میں پیش کی گئی ہیں۔

ہماری تازہ ترین معلومات کے لئے سبسکرائب کریں

ہماری ویب سائٹ پر آپ کو تازہ ترین خبریں اور دلچسپ مضامین ملیں گے۔ ہمیں یقین ہے کہ آپ کو ہماری معلومات فائدہ مند لگیں گی۔ اس لئے، براہ کرم سبسکرائب کریں تاکہ آپ ہماری تازہ ترین اپ ڈیٹس سے باخبر رہ سکیں۔

ہمارے قارئین

عمومی سوالات

آپ کے عمومی سوالات کے جوابات یہاں موجود ہیں۔
کیا میں ویب سائٹ پر مواد شائع کرسکتا ہوں؟

ہماری ویب سائٹ پر موجود معلومات آپ کے علم میں اضافہ کرنے کے لئے اہم ہیں۔ ہم ہر سوال کا جواب دینے کی کوشش کر رہے ہیں۔ اگر آپ کو مزید مدد کی ضرورت ہو تو بلا جھجھک ہم سے رابطہ کریں۔

سوالات کے جواب آپ کی رہنمائی کے لئے مختص ہیں۔ ہماری کوشش ہے کہ آپ کو جلدی اور صحیح جواب فراہم کریں تاکہ آپ کے خدشات دور ہو سکیں۔

ہمارا ہدف اپنے قارئین کو معلومات فراہم کرنا اور ان کی تشفی کرنا ہے۔ اگر کوئی سوال یا تجویز ہو تو آپ ہمیں بتا سکتے ہیں۔

ہمیں امید ہے کہ آپ کو یہاں دستیاب معلومات مفید لگیں گی۔ آپ کی رائے اہم ہے اور ہم اسے خوش دلی سے قبول کریں گے۔

اگر آپ کو مزید وضاحت یا معلومات چاہیے تو ہمارے مضامین کو دیکھیں۔ ہم مفید اور واضح معلومات فراہم کرنے کا عزم رکھتے ہیں۔

آپ کی خبریں کہاں سے لیکر آتی ہیں؟

ہماری ویب سائٹ پر آپ کے سوالات کے جوابات دینے کے لئے ایک پریس سیکشن بھی ہے جہاں آپ اپنے سوالات پیش کرسکتے ہیں۔

اگر آپ کو مزید سوالات ہیں تو آپ ہمارے روابط سے ہم سے رابطہ کرسکتے ہیں۔ ہم آپ کی خدمت میں ہازر ہیں۔

ہماری معلومات ہمیشہ موجود رہیں گی۔ برائے مہربانی بار بار وزٹ کریں اور نئے سوالات بھیجیں!

ہم آپ کے سوالات کا خیر مقدم کرتے ہیں۔ آپ کی تشویشات اور مشورے ہماری رہنمائی کریں گے۔

مزید معلومات اور سوالات کے لئے ہمیشہ ہماری مدد لائین تک رسائی حاصل کریں۔ ہم آپ کی مدد کے لئے حاضر ہیں۔

ايران ۽ آمريڪا جنگ جي دنگ تي..!…طارق عزيز شيخ

                 ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڇڪتاڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي، پر گذريل ڪجهه عرصي دوران هي تڪرار ٻيهر شدت اختيار ڪري ويو آهي، جنهن جا اثر نه رڳو وچ اوڀر پر پوري دنيا جي سياست، معيشت ۽ امن تي پئجي رهيا آهن. ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا 1979ع جي ايراني انقلاب کان پوءِ لڳاتار ڇڪتاڻ جو شڪار رهيا آهن، جڏهن ايران ۾ شاهه جي حڪومت ختم ٿي ۽ اسلامي جمهوريه قائم ٿي. ان کان پوءِ آمريڪا ۽ ايران هڪ ٻئي کي شڪي نظر سان ڏسندا رهيا آهن.

                 ايران ۾ تبديليءَ جو عمل نظر اچي رهيو آهي، پر هن مرحلي تي اهو چوڻ مشڪل آهي ته ملڪ اندر ڪهڙي نوعيت جي تبديلي جنم وٺندي. هينئر تائين ايراني اختيارين جي گرفت مضبوط نظر اچي ٿي. نه ته اعليٰ سياسي حلقن ۾ ڪا واضح ڦاٽ يا اختلاف نظر اچي ٿو ۽ نه ئي سيڪيورٽي ادارن ۾، جن ۾ طاقتور پاسدارانِ انقلاب به شامل آهن، جيڪي 1979ع جي انقلاب جي تحفظ لاءِ ئي قائم ڪيا ويا هئا. ٻئي پاسي اپوزيشن ۾ ڪيترائي اهڙا اڳواڻ آهن، جيڪي جلاوطنيءَ جي زندگي گذاري رهيا آهن. اهي ڪڏهن هڪ ٻئي تي تنقيد ڪن ٿا ۽ ڪڏهن حڪومت کي نشانو بڻائين ٿا. ايران جي اندر به ڪجهه باوقار ۽ اثرائتا آواز اڀري رهيا آهن، جن ۾ نوبيل انعام يافته نرگس محمدي شامل آهي، جيڪا اڃا تائين جيل ۾ آهي ۽ ملڪ اندر پُرامن تبديليءَ جي حمايت ڪري رهي آهي. هن تازِي بيچيني دوران اڳوڻي ولي عهد رضا پهلوي به عوام کي متحرڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر ماضي ۾ هو ڪنهن به وقت هڪ گڏ ڪندڙ يا متحد ڪندڙ شخصيت طور پاڻ کي ثابت نه ڪري سگهيو آهي. سماجي تحريڪون اڪثر ان ڳالهه تي فخر ڪنديون آهن ته انهن وٽ ڪو مرڪزي اڳواڻ ناهي، جنهن سبب حڪمرانن لاءِ ڪو اهڙو نمايان هدف موجود نه هوندو آهي، جنهن کي ختم ڪري تحريڪ کي دٻائي سگهجي. پر اها صورتحال انهن ايراني شهرين لاءِ ڳڻتي جو سبب آهي، جيڪي تبديلي چاهين ٿا، پر انتشار يا نظام جي مڪمل تباهي نٿا چاهين. اهي سڌارا چاهين ٿا، انقلاب نه. هن بيچيني مان اها ڳالهه واضح ٿي وڃي ٿي ته هاڻي ڪو به سادو يا آسان حل باقي نه رهيو آهي. ايران معاشي ۽ سياسي طور ڀڃ ڊاهه جو شڪار آهي. تبديليءَ جا عنصر ضرور موجود آهن، پر اهي ڪهڙي ريت هڪ ٻئي سان جڙندا ۽ اڳتي وڌندا، ان بابت يقين سان ڪجهه به چوڻ مشڪل آهي.

تازي صورتحال ۾ ڇڪتاڻ جو هڪ اهم سبب ايران جو ايٽمي پروگرام آهي. آمريڪا ۽ ان جا اتحادي خدشو ظاهر ڪندا رهيا آهن ته ايران ايٽمي هٿيار ٺاهڻ جي صلاحيت حاصل ڪرڻ چاهي ٿو، جڏهن ته ايران بار بار اهو موقف اختيار ڪيو آهي ته سندس ايٽمي پروگرام پرامن مقصدن، جهڙوڪ توانائي ۽ طبي تحقيق لاءِ آهي. 2015ع ۾ ٿيل ايٽمي معاهدي (JCPOA) سان ڪجهه وقت لاءِ ڇڪتاڻ گهٽ ٿي، پر آمريڪا جي ان معاهدي مان الڳ ٿيڻ کان پوءِ ٻيهر پابندين جو سلسلو شروع ٿيو، جنهن سان ايران جي معيشت تي سخت اثر پيا.

اقتصادي پابنديون ايران ۽ آمريڪا جي تڪرار جو ٻيو وڏو پاسو آهن. آمريڪا ايران تي تيل جي برآمد، بينڪن ۽ واپار بابت سخت پابنديون لاڳو ڪيون، جن جو مقصد ايران کي سياسي ۽ سفارتي طور دٻاءَ ۾ آڻڻ هو. ان جي جواب ۾ ايران به علائقائي سطح تي پنهنجي اثر رسوخ وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي، خاص طور تي عراق، شام، لبنان ۽ يمن جهڙن ملڪن ۾، جتي ايران مخالف ۽ حامي ڌڙن وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌندي رهي.

فوجي سطح تي به صورتحال ڳڻتي جوڳي رهي آهي. خليج فارس، هرمز جي لنگھ ۽ اردگرد علائقن ۾ آمريڪي ۽ ايراني فوجي موجودگي سبب ڪيترا ڀيرا سڌي ٽڪراءَ جو خطرو پيدا ٿيو. ڪڏهن تيل ٽئنڪرن تي حملا، ڪڏهن ڊرون ڪِرڻ، ته ڪڏهن فوجي بيان بازي، حالتن کي وڌيڪ سنگين بڻايو. اهڙي صورتحال ۾ هڪ معمولي واقعي مان به وڏي جنگ جو خدشو پيدا ٿي سگهي ٿو.

تازي ڇڪتاڻ جو هڪ ٻيو اهم پهلو غزا، اسرائيل ۽ وچ اوڀر جي مجموعي صورتحال سان جڙيل آهي. آمريڪا اسرائيل جو ويجهو اتحادي آهي، جڏهن ته ايران فلسطين جي حمايت ۽ اسرائيل جي مخالفت سبب آمريڪي پاليسين تي سخت تنقيد ڪندو رهيو آهي. ان علائقائي تڪرار ايران ۽ آمريڪا جي لاڳاپن کي وڌيڪ پيچيده بڻائي ڇڏيو آهي، ڇو ته هر بحران ۾ ٻنهي جا مفاد آمهون سامهون اچن ٿا.

عالمي سطح تي ڏٺو وڃي ته ايران ۽ آمريڪا جي ڇڪتاڻ تيل جي قيمتن، عالمي واپار ۽ سفارتي توازن تي به اثر وجهي ٿي. وچ اوڀر ۾ ڪا به وڏي جنگ يا عدم استحڪام سڄي دنيا لاءِ معاشي بحران جو سبب بڻجي سگهي ٿو. ان ڪري ڪيترائي ملڪ، خاص طور تي يورپي قوتون، ٻنهي ڌرين کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهن.

آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جرنل موجب سعودي عرب جي اڳواڻي ۾ نار ملڪن ايران تي آمريڪي حملي جي مخالفت ڪري ڇڏي. وال اسٽريٽ جرنل جي رپورٽ موجب سعودي عرب، قطر ۽ عمان آمريڪا کي خبردار ڪيو آهي ته ايران تي حملو نه ڪيو وڃي، ڇو ته اهڙي ڪارروائي سان عالمي تيل مارڪيٽ ۾ وڏو ڌڪ لڳندو ۽ ان جو سڌو اثر آمريڪي معيشت تي به پوندو. اخبار موجب، ظاهري طور اهي عرب ملڪ خاموش نظر اچن ٿا پر پسِ منظر ۾ رهي لابنگ ڪري رهيا آهن ته آمريڪا ايران تي حملو نه ڪري، ڇاڪاڻ ته اهڙي قدم سان عالمي تيل مارڪيٽ کي ڌڪ لڳندو ۽ لازمي طور آمريڪي معيشت به متاثر ٿيندي. اخبار موجب سعودي عملدارن تهران کي خاطري ڪرائي آهي ته هو ڪنهن به تڪرار ۾ شامل نه ٿيندا ۽ آمريڪا کي ايران تي حملي لاءِ پنهنجون هوائي حدون استعمال ڪرڻ نه ڏيندا، اهو قدم آمريڪي ڪارروائي کان پاڻ کي پري رکڻ ۽ ان کي روڪڻ جي ڪوشش طور کنيو ويو آهي. اخبار موجب، عرب رياستن کي خدشو آهي ته ايران تي حملي جي صورت ۾ آبنائي هرمز مان گذرندڙ تيل جي ٽينڪرن جي اچ وڃ متاثر ٿي سگهي ٿي، هي تنگ سامونڊي لنگهه نار فارس جي ڏاڪي تي واقع آهي، جيڪو ايران کي ان جي عرب پاڙيسرين کان ڌار ڪري ٿو ۽ دنيا جي لڳ ڀڳ پنجين حصي جي تيل جي پهچ ان ئي رستي سان ٿيندي آهي. نتيجي طور چئي سگهجي ٿو ته ايران ۽ آمريڪا جي تازي ڇڪتاڻ صرف ٻن ملڪن جو مسئلو ناهي، پر اها عالمي امن ۽ استحڪام سان سڌي طرح ڳنڍيل آهي. طاقت، پابندين ۽ ڌمڪين بدران جيڪڏهن سفارتڪاري، ڳالهه ٻولهه ۽ باهمي احترام کي ترجيح ڏني وڃي ته نه رڳو هن تڪرار کي گهٽائي سگهجي ٿو، پر وچ اوڀر کي به هڪ نئين جنگ کان بچائي سگهجي ٿو. دنيا کي هن وقت وڌيڪ ٽڪراءَ نه، پر امن، انصاف ۽ ڳالهه ٻولهه جي ضرورت آهي.