ايران ۽ آمريڪا جون پاڪستان وسيلي ڳالهيون جاري آهن، ٻنهي ملڪن وچ ۾ نياپا اماڻي رهيا آهيون: ڊار

  ايران ۽ آمريڪا جون پاڪستان وسيلي ڳالهيون جاري آهن، ٻنهي ملڪن وچ ۾ نياپا اماڻي رهيا آهيون: ڊار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نائب وزير اعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته ايران ۽ آمريڪا جون پاڪستان وسيلي اڻسڌيون ڳالهيون جاري آهن، پاڪستان ٻنهي ملڪن وچ ۾ نياپا پهچائي رهيا آهيو، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته آمريڪا 15 نقطا ايران سان ونڊيا، جِن تي غور ڪيو پيو وڃي، پاڪستان ڇڪتاڻ جي خاتمي ۽ پائيدار امن لاءِ هر ممڪن سفارتي ڪوشش ڪري رهيو آهي،هن چيو ته وچ اوڀر جي صورتحال جو حل رڳو ڳالهين ۽ سفارتڪاري ۾ آهي، ترڪيه ۽ مصر سوڌو برادر ملڪ به امن ڪوششن ۾ مدد ڪري رهيا آهن، اسحاق ڊار سوشل ميڊيا تي پنهنجو بيان آمريڪي ۽ ايراني پرڏيهي وزيرن سوڌو آمريڪي ايلچي اسٽيو وِٽڪوف کي ٽيگ ڪيو، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار  ترڪيه ۽ اردن جي هم منصبن سان به رابطا، خطي ۾ ڇڪتاڻ جلد گهٽائڻ تي زور ڀريو.