ايران ۽ آمريڪا جي صحافين کي ويزا آن ارائيول ڏني وئي

ايران ۽ آمريڪا جي صحافين کي ويزا آن ارائيول ڏني وئي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير اطلاعات ۽ نشريات عطاءُ الله تارڙ پرڏيهي صحافين کي فراهم ڪيل سهولتن بابت ڳالهائيندي چوڻ آهي ته نائب وزيراعظم اسحاق ڊار اعلان ڪيو آهي ته ايران ۽ آمريڪا جي صحافين لاءِ ويزا آن ارائيول هوندي. ڪوريج لاءِ پوري دنيا مان صحافي پاڪستان پهچي رهيا آهن، صحافين کي هڪ ئي ڇت هيٺ سڀ ضروري سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته تقريبن 50 غير ملڪي صحافي پاڪستان پهچي چڪا آهن، چين، سعودي عرب، جاپان، جرمني ۽ ڪوريا سميت مختلف ملڪن مان صحافين ويزا لاءِ درخواستون ڏنيون آهن. وزارت اطلاعات ۽ نشريات جناح ڪنونشن سينٽر ۾ صحافين لاءِ هڪ ئي هنڌ سڀ ضروري سهولتون فراهم ڪيون آهن. هاءِ اسپيڊ انٽرنيٽ، پرنٽرز، ڪمپيوٽرز ۽ اسڪرينز نصب ڪيا ويا آهن.