ايران ۽ آمريڪا ڪو رستو ڳولهين: برطانيا

ايران ۽ آمريڪا ڪو رستو ڳولهين: برطانيا

لنڊن (م ڊ) ڳالهين ۾ ناڪامي بعد برطانيا آمريڪا ۽ ايران کان رستو ڳولڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ڊائوننگ اسٽريٽ مان بيان ۾ چيو ويو آهي ته برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر ايران ۽ آمريڪا تي زور ڏنو آهي ته پاڪستان ۾ ناڪام ڳالهين کان پوءِ رستو ڳوليو. عمان جي سلطان سان ڳالهه ٻولهه ۾ اسٽارمر چيو ته اهو انتهائي اهم آهي ته جنگ بندي جاري رهي ۽ سڀئي ڌريون وڌيڪ ڇڪتاڻ کان پاسو ڪن. ان کان اڳ برطانوي صحت سيڪريٽري ويس اسٽريٽنگ چيپ هو ته اهو “مايوس ڪندڙ” هو ته ايران ۾ جنگ ختم ڪرڻ لاءِ شروعاتي ڳالهيون بغير ڪنهن معاهدي جي ختم ٿي ويون.