| ايران ۽ روس کي وڌيڪ مهيني لاءِ تيل وڪروڪرڻ جي اجازت |
واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا دنيا ۾ تيل جي بحران کي روڪڻ لاءِ ايراني ۽ روسي تيل تي پابندين کي وڌيڪ 30 ڏينهن لاءِ هٽائي ڇڏيو آهي آمريڪي ناڻي واري وزير چيو ته اهو فيصلو انهن ملڪن جي درخواستن ي ڪيو ويو جيڪي بند هرمز مان تيل حاصل ڪندا هئا ۽ هن وقت بحرن جو شڪار آهن. بيسينٽ آمريڪي سينيٽ جي مختص ڪيل ذيلي ڪميٽي جي بجيٽ ٻڌڻي کي ٻڌايو ته درخواستون گذريل هفتي جي بين الاقوامي مالي فنڊ ۽ عالمي بينڪ جي اجلاسن دوران تقريبن 10 ملڪن جي مالي اڳواڻن کان آيون هيون.