ايران ۽ عراق ۾ هزارين پاڪستاني ڦاٿل
جُون 15, 2025
تهران(پنهنجي ڊيسڪ) هزارين پاڪستاني مذهبي سياح ۽ ٻيا ماڻهو ايران ۽ عراق ۾ ڦاٿل آهن.
هڪ پاڪستاني مسافر ميڊيا ٻڌايو ته تهران ۾ پاڪستاني سفارتخاني جو واحد ايمرجنسي نمبر بند آهي ۽ عراق ۾ به ڪو به پاڪستاني سفارتخاني جي ايمرجنسي نمبرن جو جواب نه ڏئي رهيو آهي.
سفارتي ذريعن جو چوڻ آهي ته ايران ۾ پاڪستاني سفير موڪلن تي پاڪستان ۾ آهي، جڏهن ته بغداد ۾ پاڪستاني سفارتخانو جنگي صورتحال ۾ معمول مطابق ڪم ڪري رهيو آهي. جڏهن ته بغداد ۾ پاڪستاني سفارتخانو اڄ مذهبي موڪل جي ڪري بند آهي.
ٻئي طرف جنگي صورتحال جي ڪري پاڪستان کان ايران جو سفر معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
سفارتي ذريعن موجب پاڪستانين جي سيڪيورٽي کي نظر ۾ رکندي پابندي اڄ کان لاڳو ڪئي وئي آهي ۽ زميني رستن ذريعي ايران جي سفر تي به پابندي لڳائي وئي آهي.
سفارتي ذريعن جو چوڻ آهي ته صورتحال بهتر ٿيندي ئي پاڪستان کان ايران جو سفر کوليو ويندو. پاڪ ايران سرحد تي پاڪستاني سرحدي عملدارن کي هدايتون پهچائي ڇڏيون آهن.