ايران ۽ قطر وچ ۾ واپار پنجن مهينن بعد بحال

ايران ۽ قطر وچ ۾ واپار پنجن مهينن بعد بحال

دوحا (م ڊ) ايراني ميڊيا موجب سامونڊي واپار جي بحالي لاءِ دوحا ۾ ايراني ۽ قطري اختيارين وچ ۾ ڳالهيون ٿيون، جنهن کان پوءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ پنجن مهينن کان پوءِ سامونڊي واپار ٻيهر بحال ڪيو ويو آهي. ايراني اختيارين موجب ايران جي دير بندرگاهه ۽ قطر جي الرويس بندرگاهه وچ ۾ جهازن جي اچ وڃ ٻيهر شروع ٿي وئي آهي. رپورٽن موجب قطر هر قسم جي سامونڊي جهازن ۽ ٻيڙين لاءِ سامونڊي آمدرفت ٻيهر شروع ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. قطر جي ٽرانسپورٽ واري وزارت آپريٽرن کي لاڳو سامونڊي ضابطن ۽ هدايتن تي مڪمل عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. واضح رهي ته 29 جون تي بادباني ۽ مڇي مارڻ وارين ٻيڙين جي اچ وڃ عارضي طور معطل ڪئي وئي هئي، جڏهن ته واپاري سامونڊي جهازن تي اها پابندي لاڳو نه هئي. هي قدم علائقي ۾ فوجي ڪاررواين دوران هڪ قطري شهري جي فوت ٿيڻ جي اعلان کان هڪ ڏينهن پوءِ کنيو ويو.