| ايران ۾ احتجاج جو ڇهون ڏينهن، وڌيڪ 2 زخمي فوت |
تهران (م ڊ) ايران ۾ ڪرنسي جي قيمت ۾ رڪارڊ گهٽتائي ۽ وڌندڙ مهانگائي خلاف عوامي مظاهرا ڇهين ڏينهن به جاري رهيا پر انهن جي شدت ۾ گهٽتائي آئي آهي. جڏهن وڌيڪ 2 ڄڻا مارجي ويا آهن راڄڌاني تهران سميت مختلف شهرن ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهيو. احتجاج جو اهو سلسلو دڪاندارن طرفان شروع ڪيو ويو هو جيڪي ڊالر جي مقابلي ۾ ايراني ڪرنسي جي قيمت ۾ رڪارڊ گهٽتائي تي ڪاوڙيل هئا. مختلف هنڌن تي ايراني فورس ۽ مظاهرين ۾ ٿيل چڪرين ۾ زخمي ٿيل ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن سان مارجي ويلن جو انگ 8 ٿي ويو. مظاهرين جي پٿراءُ جي نتيجي ۾ درجنين پوليس اهلڪار به زخمي ٿي پيا آهن. مظاهرا تهران ۽ فارس کان علاوه مرودشت ۽ لردگان ۾ به ٿيا. ڪيترن ئي صوبن ۾ اسڪول، يونيورسٽيون ۽ سرڪاري ادارا بند آهن. سڀني کان وڌيڪ چڪريون صوبي لورستان جي شهر رانا ۾ ٿيڻ جا اطلاع آهن. ٻئي طرف نجي ٽي وي کي صحافي ٻڌايو ته احتجاج جاري آهي پر ان جي شدت گهٽجي وئي آهي مختلف شهرن ۾ احتجاج ۾ شريڪ ماڻهن جو انگ به گهٽجي ويو آهي.