| ايران ۾ احتجاج وڌيو آهي، حقن جو احترام ڪيو وڃي: گڏيل قومون |
نيويارڪ: گڏيل قومن جي انساني حقن جي ڪائونسل جي خاص رپورٽر مائي ساٽو ايران ۾ تازن احتجاجن دوران اٺ مظاهرين جي موت تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. گڏيل قومن جي نمائندي چيو آهي ته ايران ۾ ملڪ گير احتجاج ڇهين ڏينهن ۾ داخل ٿي ويا آهن ۽ تنظيم صورتحال تي ويجهي نظر رکي رهي آهي. ملندڙ رپورٽن مطابق مظاهرين ۽ سيڪيورٽي فورسز جي وچ ۾ جهڙپن ۾ اضافو ٿيو آهي. ايراني اختيارين تي زور ڏنو ته اظهار جي آزادي ۽ پرامن گڏجاڻي جي حقن جو احترام ڪن ۽ مظاهرين خلاف ضرورت کان وڌيڪ طاقت استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪن. ماڻهن کي پنهنجي اختلاف جو اظهار ڪرڻ ۽ انتقام جي خوف کان سواءِ پرامن احتجاجن ۾ حصو وٺڻ گهرجي.