| ايران ۾ اسرائيل ۽ آمريڪا لاءِ جاسوسي الزام ۾ 23 ڄڻا گرفتار |
تهران (م ڊ) ايران جي انٽيليجنس وزارت چيو آهي ته ايران جي مرڪزي صوبي ۾ 23 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. انهن تي الزام آهي ته انهن فوجي سائيٽن جا تفصيل بين الاقوامي ميڊيا پليٽ فارم سان شيئر ڪيا جيڪو اسرائيل سان وابسته آهي ۽ بدامني ڀڙڪائڻ لاءِ ڪم ڪيو. ٻن ماڻهن کي اتر اوڀر گلستان صوبي ۾ گرفتار ڪيو ويو، انهن تي پوليس سينٽرن تي حملو ڪرڻ جي سازش جو الزام لڳايو ويو. 15 فارسي ڳالهائيندڙ ماڻهن تي اسرائيل جي ايجنٽ طور ڪم ڪرڻ جو الزام آهي. ايراني اختيارين ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ ايرانين کي چيو آهي ته اهي آمريڪا يا اسرائيل سان تعاون نه ڪن نه ته ايران ۾ انهن جي ملڪيت ضبط ڪري سگهجي ٿي.