| ايران ۾ ايٽمي ٺڪاڻي، قم شهر تي حملا، هرمز وري بند، تيل 112 ڊالر في بيرل، فوج ٽٽي رهي آهي: اسرائيل آرمي چيف |
تهران/واشنگٽن/تل ابيب (م ڊ) ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي مڙهيل جنگ کي مهينو مڪمل ٿي ويو، وچ اوڀر ڇڪتاڻ عروج تي پهتل آهي، اسرائيلي بمباريءَ ۾ تهران ۽ قم ۾ شهادتون ٿيون آهن، جنهن جي جواب ۾ ايران ڪويت، يو اي اي ۽ بحرين ۾ موجود آمريڪي اڏن کي ڊگهي فاصلي واري ميزائلن ذريعي نشانو بڻايو آهي. ايران 10 جهازن کي اجازت ڏيڻ بعد هڪ ڀيرو وري هرمز کاڙي بند ڪري ڇڏي. ۽ ٽن جهازن کي گذرڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. جڏهن ته هڪ جهاز کي نشانو بڻائڻ جا اطلاع آهن جنهن تي پاڪستاني جهنڊو لڳل هو ايران هڪ ڀيرو وري سعودي راڄڌاني تي ميزائل حملا ڪيا جن کي ناڪام بڻايو ويو. ڪويت ۾ بندرگاهه کي نشانو بڻايو ويو. لبنان ۾ اسرائيل 121 ٻارن کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي. ايران جي ايٽمي ٺڪاڻي کي به تباهه ڪيو ويو آهي. مليل اطلاعن موجب ڪالهه ايران سان آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ ۽ حملن جو 29هون ڏينهن هو ايران تي حملا جاري رهيا. ايران جي مقدس شهر قم تي اسرائيلي حملي ۾ 18 ڄڻا شهيد ٿي ويا. حملو شهر جي پارديسن واري علائقي ۾ ٿيو. حملي ۾ 10 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا آهن. ايراني هلال احمر سوسائٽي جو چوڻ آهي ته حملو رهائشي علائقي ۾ ٿيو. اسرائيل طرفان تهران تي شديد بمباري ڪئي وئي، اروميه شهر ۾ به رهائشي عمارتن تي حملا ڪيا ويا جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترين ئي عمارتون ملبي جو ڍير بڻجي ويون. ايراني ميڊيا موجب اسرائيلي حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 13 ڄڻا شهيد ٿيا، جڏهن ته ملبن هيٺان دٻجي ويل زخمين جي ڳولا جاري آهي. ڪالهه شهيدن جو انگ 36 هو. اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته ايران جي يزد شهر ۾ ميزائلن ۽ سامونڊي بارودي سرنگن جي مکيه پيداواري ڪارخاني تي هوائي حملو ڪيو. ڪالھھ ايران جي تھران سميت 9 شھرن تي حملا ڪيا ويا. اولهه آذربائيجان صوبي جي گاديءَ جي ھنڌ ارميا ميزائل حملي ۾ چار رهائشي عمارتون مڪمل طور تي تباهه ٿي ويون اسرائيل جي بچاءُ وزير اسرائيل ڪيٽز جو چوڻ آهي ته ايران اسان جي شھرين تي حملا ڪري رھيو آھي جنھن جي بدلي ۾ اسرائيل پنهنجي حملي کي تيز ڪندو ۽ ايران ۾ وسيع جڳهن کي نشانو بڻائيندو اهي ڳري قيمت ادا ڪندا ۽ اسان ايران ۾ پوري طاقت سان ڪم ڪندا رهنداسين جيستائين سڀئي جنگي مقصد مڪمل نه ٿي وڃن. ايران جي فارس نيوز ايجنسي مطابق آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملي ۾ وچ ايران ۾ واقع خنداب هيوي واٽر ڪمپليڪس کي نشانو بڻايو ويو. سائيٽ مان ڪو به جاني نقصان يا تابڪاري جو اخراج نه ٿيو. جواب ۾، ايران علائقي ۾ آمريڪي ۽ اسرائيلي صنعتي سهولتن جي ملازمن کي خبردار ڪيو ته اهي پنهنجي ڪم جي جڳهن کي ڇڏي ڏين، ۽ چيو ته اهو جوابي حملي ڪري رهيو آهي.جڏهن ته ايران به پنهنجا حملا جاري رکيا. ايران وچ اوڀر ۾ آمريڪي اڏن ۽ اسرائيل تي وچولي ۽ ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ ميزائلن، ڊرونز ۽ ملٽي وار هيڊ هٿيارن سان حملو ڪيو. پاسداران انقلاب موجب حملن ۾ دشمن جي اسٽريٽجڪ هنڌن کي نشانو بڻايو ويو، اسرائيلي شهر اشدود ۾ آئل اسٽوريج ٽينڪ ۽ ڊپو کي نشانو بڻايو ويو. ڪويت جي علي السالم، العُديري ۽ يو اي اي جي الظفره بيسز کي به نشانو بڻايو ويو جڏهن ته بحرين جي شيخ عيسيٰ بيس تي به حملا ڪيا ويا. ايران ھڪ ڀيرو وري ھرمز کاڙي کي بند ڪندي آمريڪا، اسرائيل ۽ ان جي اتحادين لاءِ سمنڊ جي سموري سفر تي پابندي لڳائيندي حملن جو اعلان ڪيو آھي. پاسداران انقلاب بيان ۾ چيو ته آمريڪا، اسرائيل ۽ ان جي اتحادي ملڪن کان ايندڙ يا انھن ڏانھن ويندڙ بحري جھازن تي پابندي لڳائي وئي آھي. هرمز کاڙي بند آهي ۽ ھن کاڙي ذريعي ڪنهن به آمد و رفت تي سخت نتيجن کي ڀوڳڻو پوندو. بيان ۾ وڌيڪ دعويٰ ڪئي وئي آھي ته مختلف ملڪن جي ٽن ڪنٽينر جهازن کاڙي ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر پاسداران انقلاب انھن کي وارننگ ڏني جنھن کانپوءِ انھن کي داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو آهي. سوشل ميڊيا تي اهي به اطلاع آهن ته هڪ جهاز کي نشانو بڻايو ويو جنهن تي پاڪستان جو جهنڊو لڳل هو پر ان جي تصديق نه ٿي سگهي آهي. ايران اسرائيل تي ھڪ وڌيڪ ميزائل حملو ڪيو اسرائيلي ميڊيا موجب ان حملي ۾ ڪو بھ جاني نقصان نھ ٿيو پر شھري ذھني ٽارچر جو شڪار ٿيا ايران ميزائل ۽ ڊرون حملن سان سعودي عرب جي راڄڌاني رياض کي نشانو بڻايو. سعودي جي بچاءُ واري وزارت جو چوڻ آهي ته رياض ڏانهن ويندڙ ڊرون کي روڪي تباهه ڪري ڇڏيو. ٻن ڊرون کي تباھ ڪيو ويو 4 سمنڊ يا کليل علائقن ۾ ڪري تباھھ ٿي ويا. رياض ڏانهن 6 بيلسٽڪ ميزائل بھ فائر ڪيا ويا. ايران ڪويت تي بھ ٻھ حملا ڪيا جن ۾ بوبيان ٻيٽ تي قائم مبارڪ الڪبير بندرگاهه کي نشانو بڻايو ويو. جنھن کي ڊرون ۽ ڪروز ميزائلن سان نشانو بڻايو ويو. جڏھن تھ شوائيخ بندرگاھھ کي بھ نشانو بڻايو ويو. ٻنھي حملن ۾ مالي نقصان ٿيو پر ڪو به جاني نقصان نه ٿيو. بحرين تي بھ ايران نوان حملا ڪيا بحريني فوج جو چوڻ آهي ته هوائي دفاع اداري جنگ جي شروعات کان وٺي ھيستائين ايران کان فائر ڪيل 154 ميزائل ۽ 362 ڊرون کي روڪيو. عرب امارات جي شھر شارجا تي بھ ايران ڊرون حملو ڪيو جنھن کي ناڪام بڻايو ويو. ٻئي پاسي اسرائيل جا لبنان تي حملا جاري رهيا. لبنان جي حوطا الغدير علائقي تي اسرائيلي حملي ۾ 2 ماڻهو مارجي ويا. اسرائيلي حملي دوران لبنان ۾ 1,142 ماڻهو مارجي ويا ۽ 3,315 زخمي ٿيا آهن. اسرائيل وڌيڪ هڪ فوجي مارجڻ جي تصديق ڪندي وڌيڪ فوجي سامان لبنان سرحد ڏانهن موڪلي ڇڏيو. اسرائيلي فوج 162 هين ڊويزن کي ڏکڻ لبنان ۾ مقرر ڪيو آهي جنھن بعد اتي موجود فوجين جو انگ ھزارن ۾ ٿي ويو آھي. ويڙھھ ۾ ھڪ آفيسر ۽ ھڪ سپاھي جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آھي. حزب الله اتر اسرائيل ۾ مختلف علائقن کي نشانو بڻايو ڊرون ۽ اينٽي ٽينڪ ميزائل فائر ڪيا ويا. لبناني سرحدي ڳوٺن ۾ اسرائيلي فوج کي سخت مزاحمت جو منهن ڏسڻو پيو، حزب الله جو 24 ڪلاڪن دوران 21 اسرائيلي ٽينڪون تباهه ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. يونيسيف اسرائيل جي لبنان ۾ هوائي ۽ زميني حملي جي ڪري ٻارن تي ٿيندڙ ڏکوئيندڙ نقصان کان خبردار ڪيو آهي. لبنان ۾ تنظيم جي نمائندي مارڪولوگي ڪورسي چيو ته هن مهيني ملڪ تي اسرائيل جي تيز حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 121 ٻار مارجي ويا آهن ۽ 399 ٻيا زخمي ٿيا آهن. ڪورسي چيو ته 370,000 کان وڌيڪ ٻار پنهنجن گهرن مان بيدخل ٿيا آهن، ڇاڪاڻ ته اسرائيل لبنان جي علائقي جي 14 سيڪڙو حصي تي قبضو ڪيو آھي.
تل ابيب (م ڊ) اسرائيل جي آرمي چيف اعتراف ڪيو آھي تھ اسرائيلي فوج ٽٽڻ جي ويجھو پھچي چڪي آھي اپوزيشن اڳواڻ اپوڊيوئر يائر ليپڊ الزام هنيو آهي ته حڪومت بغير ڪنهن حڪمت عملي جي جنگ ڪري رهي آهي. ھن دعويٰ ڪئي ته اسرائل جي فوج پنھنجي وڌ ۾ وڌ صلاحيت استعمال ڪري چڪي آھي ۽ حڪومت فوجن جو رت وھڻ ڏئي رھي آھي. ھن وڌيڪ چيو ته حڪومت حڪمت عملي ۽ ضروري وسيلن کانسواءِ تمام گھٽ فوجين کي هڪ وڏي محاذ تي موڪلائي رهي آهي. ريزرو فوجي ٿڪجي چڪا آھن ۽ هاڻي اهي مقابلو ڪرڻ جي قابل نھ آھن، يائر ليپڊ حڪومت کان الٽرا آرٿوڊوڪس حريديم يھودين کي پڻ فوج ۾ ڀرتي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. الٽرا آرٿوڊوڪس يھودي مذھب کي ويجھا آھن ۽ انھن کي 1948ع کان وٺي فوج جي لازمي ڀرتي کان آجو قرار ڏنو ويو آھي. بي بي سي موجب يائر ليپڊ جو اهو بيان ان وقت سامهون آيو آهي جڏهن اسرائيلي فوج جي سربراھھ ايال زمير چيو هو ته اسرائيلي فوج ٽٽڻ جي ويجھو پھچي چڪي آھي. جيڪڏهن ضروري قدم نه کنيا ويا ته اسرائيلي فوج اندروني طور ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿي ويندي. جنگ جي ميدان ۾ ريزرو فوجي وڌيڪ نه وڙهي سگهندا. جيڪڏهن ريزرو فوجين بابت قانونن ۾ ترميم ۽ ٻيا قدم نه کنيا ويا ته فوج کي اندروني بحران جو منهن ڏسڻو پوندو.
واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران جي ذميواري آهي ته هو کيس جنگ بند ڪرڻ تي راضي ڪري. آمريڪي صدر چيو ته کيس ان ڳالهه جي پرواهه ناهي ته ڪو معاهدو ٿئي ٿو يا نه. ٻئي طرف آمريڪا جي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چيو آهي ته جنگ مهينن نه پر هفتن ۾ ختم ٿي ويندي. ايران ۾ فوجي لاهڻ کانسواءِ پنهنجا مقصد ماڻي وٺنداسين، هرمز کي کولڻ وڏو چئلينج آهي اهو چئلينج فوجي مقصد ماڻڻ کانپوءِ به برقرار رهندو. ان لاءِ عالمي برادري کان مدد ورتي ويندي. اهو غيرقانوني ۽ ناقابل قبول آهي اهو دنيا لاءِ به خطرناڪ آهي. ايران هرمز مان گذرڻ تي ٽيڪس لڳائي سگهي ٿو. ٻئي طرف هرمز کي کولڻ لاءِ گڏيل قومن ٽاسڪ فورس جوڙي آهي ته جيئن ڪيميائي ڀاڻ جي اچ وڃ جاري رکي سگهجي. جرمني ايران کان مطالبو ڪيو آهي ته آمريڪا سان سنجيده ڳالهيون ڪيون وڃن. ٻئي طرف هرمز جي بندش جي ڪري عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن ۾ اضافو جاري آهي. ڪالهه برينٽ تيل 112 ڊالر في بيرل ٿي ويو. ڊبليو ٽي آءِ تيل جي قيمت 98 ڊالر في بيرل ٿي وئي.