ايران ۾ جاسوسي ۽ وڳوڙ الزامن ۾ وڌيڪ 470 ڄڻا گرفتار

ايران ۾ جاسوسي ۽ وڳوڙ الزامن ۾ وڌيڪ 470 ڄڻا گرفتار

تھران (م ڊ) ايران ۾ جاسوسي ۽ ملڪ ۾ وڳوڙ ڪرائڻ جي الزام ۾ وڌيڪ 470 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آھي. ايراني اختيارين صوبي سمنان جي شهر شاهرود ۾ ٽن ماڻهن کي گرفتار ڪيو، جن تي حساس هنڌن جي جاسوسي جو الزام آهي. ايران جي تسنيم نيوز ايجنسي پوليس آفيسر جي حوالي سان ٻڌايو ته انهن ماڻهن تي فوجي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي سائيٽن جي معلومات ۽ دستاويز حاصل ڪرڻ ۽ دشمن ڏانهن موڪلڻ جي ڪوشش ڪرڻ جو الزام آهي. آفيسر وڌيڪ چيو ته اختيارين شڪي ماڻهن کان مواصلاتي سامان ۽ ڪجهه ممنوع شيون ضبط ڪيون، جن وسيلي ھنن جا آمريڪا ۽ اسرائيل ۾ رابطا هئا. ايراني پوليس جو چوڻ آهي ته انهن 466 ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي جن تي آن لائن سرگرمي جو الزام آهي جنهن جو مقصد اندروني طور عدم استحڪام پيدا ڪرڻ ھو. پوليس انهن ماڻهن تي عوام ۾ خوف پکيڙڻ، سماج ۾ پريشاني پيدا ڪرڻ، ذهني سلامتي کي خراب ڪرڻ، دشمني کي فروغ ڏيڻ ۽ آن لائن سيڪيورٽي کي خراب ڪري ماڻھن کي ڀڙڪائڻجو الزام لڳايو.