| ايران ۾ ”دشمن سان سهڪار“ ڪندڙ 3 هزار ماڻهو گرفتار |
تهران (م ڊ) ايران ۾ دشمن سان سهڪار جي الزام ۾ 3,000 کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ايراني عدليه جي ترجمان اصغر جهانگير پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته گرفتار ٿيل دشمن جي سهڪار ڪندڙن مان 684 ماڻهن اسرائيل لاءِ آپريشنل ڪارروايون ڪيون ۽ 1,258 سياسي پروپيگنڊا ۽ ميڊيا سرگرميون ڪيون. 1,061 ماڻهن تي فرد جرم لاڳو ڪئي وئي آهي ۽ غدارن جي سوين ملڪيتن جي به سڃاڻپ ڪئي وئي آهي.