ايران ۾ رجيم چينج تائين اسان جو مشن مڪمل نه ٿيندو: موساد سربراهه

ايران ۾ رجيم چينج تائين اسان جو مشن مڪمل نه ٿيندو: موساد سربراهه

تل ابيب (م ڊ) اسرائيلي ڳجهي ايجنسي موساد جي سربراهه ڊيوڊ برنيا چيو آهي ته ايران ۾ موساد جو مشن ان وقت تائين مڪمل نه ٿيندو جيستائين اتي رجيم تبديل نٿي ٿئي، اسرائيلي ميڊيا موجب برنيا چيو آهي ته تازو ايران جنگ دوران موساد تهران جي دل ۾ ڪم ڪيو، اسرائيلي فضائيه کي درست انٽيليجنس فراهم ڪئي، هن چيو ته اسان اهڙن ميزائيلن کي نشانو بڻايو، جيڪي اسرائيل لاءِ خطرو هئا، ڊيوڊ برنيا چيو ته هي مشن فوري طور ختم ٿيڻ وارو نه هو، پر ان کي ڊگهي مدي جي رٿابندي تحت جاري رکيو ويندو، ته جيئن تهران ۾ حملن بعد به نتيجا حاصل ڪري سگهجن، موساد جي ذميواري ان وقت ختم ٿيندي جڏهن هي انتهاپسند حڪومت تبديل ٿي ويندي، موساد چيف موجب ايران ۾ رجيم تبديلي اسان جو مشن آهي، اسان ڪنهن به وجودي خطري آڏو خاموش نه رهنداسين.