ايران ۾ زندگي موٽي آئي، انٽرنيٽ بحال، اڄ اسڪول کولڻ جو اعلان

  ايران ۾ زندگي موٽي آئي، انٽرنيٽ بحال، اڄ اسڪول کولڻ جو اعلان

تهران: ايران جي راڄڌاني تهران جي ڊائريڪٽر جنرل آف ايجوڪيشن اعلان ڪيو آهي ته گادي واري شهر ۾ اسڪول سڀاڻي (آچر، جنوري 18) ٻيهر کوليا ويندا. ايران جي تسنيم نيوز ايجنسي جي مطابق، گذريل هفتي هوائي آلودگي ايمرجنسي ورڪنگ گروپ جي راءِ کان پوءِ تهران صوبي جي اسڪولن ۾ تعليمي سيشن آن لائن منعقد ڪيا پيا وڃن. ٻئي طرف ايراني ميڊيا رپورٽ ڪئي آهي ته عراقي پرڏيهي وزير فواد حسين آچر، تي تهران جو دورو ڪندو. دوري جو مقصد ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ ٻين ايراني عملدارن سان ملاقات ڪرڻ ۽ موجوده صورتحال ۽ ٻين معاملن تي بحث ڪرڻ آهي. جڏهن ته ايران جي انقلابي گارڊز جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروسز بحال ڪيون ويون آهن.