| ايران ۾ سزائن جو سلسلو شروع، 5 ڏينهن اڳ پڪڙيل کي ڦاسي |
تهران (م ڊ) انساني حقن جي گروپ هنگاو مطابق ايران ۾ احتجاج ڪندڙن کي سزائون ڏيڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي هڪ 26 سالن جي شخص، جنهن کي گذريل خميس تي گرفتار ڪيو ويو هو، کي موت جي سزا ٻڌائي وئي آهي. گروپ چيو ته عرفان سلطاني جي خاندان کي ٻڌايو ويو آهي ته کيس سڀاڻي ڦاسي ڏني ويندي، پر اهو نه ٻڌايو ويو ته سندس ٽرائل ڪڏهن شروع ٿيو يا هو ڪهڙن الزامن کي منهن ڏئي رهيو آهي. هنگاو جي رپورٽر اويار شيخي بي بي سي کي ٻڌايو ته اسان ڪڏهن به ڪيسن کي ايتري تيزيءَ سان هلندي نه ڏٺو آهي. حڪومت عوام کي دٻائڻ ۽ خوف پکيڙڻ لاءِ هر حربو استعمال ڪري رهي آهي.