ايران ۾ سني گروپ جي ميمبر کي دهشتگردي الزام هيٺ ڦاهي

ايران ۾ سني گروپ جي ميمبر کي دهشتگردي الزام هيٺ ڦاهي

تهران (م ڊ) ايران ۾ هڪ شخص کي دهشتگردن سان تعلق رکڻ ۽ سيڪيورٽي فورسز تي حملن جي الزام ۾ ڦاسي ڏني وئي. ايراني عدليه سان لاڳاپيل نيوز ايجنسي ميزان رپورٽ ڪئي ته آچر تي ايران ۾ جنهن شخص کي موت جي سزا ڏني وئي، اهو سني جنگجو گروپ جيش العدل جو ميمبر هو ۽ ملڪ جي ڏکڻ اوڀر ۾ سيڪيورٽي فورسز کي نشانو بڻائڻ ۾ ملوث هو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته امير رامش کي سيستان-بلوچستان صوبي جي چابهار ضلعي جي پيرس-شراب علائقي ۾ دهشتگردي جي خلاف آپريشن دوران گرفتار ڪيو ويو. غير قانوني قرار ڏنل جيش العدل گروپ جو رڪن هجڻ کان علاوه رامش کي فوجي فورسز کي نشانو بڻائڻ ۽ حملن جو ڏوهاري قرار ڏنو ويو. هڪ ايراني عدالت کيس موت جي سزا ٻڌائي ۽ سپريم ڪورٽ بعد ۾ سندس وڪيل پاران داخل ڪيل اپيل کان پوءِ سندس سزا برقرار رکي.