| ايران ۾ شهيدن جو انگ 33 سئوکان وڌي ويو |
تهران (م ڊ) ايران چيو آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيلي حملن ۾ 3,300 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿي ويا آهن. ايراني عدليه جي تحت تنظيم جي تازي رپورٽ موجب 3,375 لاشن جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته فوت ٿيلن ۾ 2,875 مرد ۽ 496 عورتون شامل آهن، جن مان سڀ کان وڌيڪ موت تهران، هرمزگان ۽ اصفهان صوبن ۾ ٿيا. رپورٽ موجب سوين ٻار پڻ مارجي ويا آهن. فوت ٿيلن ۾ ست ٻار (هڪ سال کان گهٽ عمر جا)، 255 ٻارن جي عمر هڪ کان 12 سالن جي وچ ۾ ۽ 121 جي عمر 13 کان 18 سالن جي وچ ۾ هئي. فوت ٿيلن ۾ افغان، شامي، ترڪي، پاڪستاني، چيني، عراقي ۽ لبناني شهري پڻ شامل آهن.