| ايران ۾ فوتين جو انگ 646 ٿيڻ جي دعويٰ، امداد پهچڻ واري آهي، عوام شهرن ۽ ادارن تي قبضو ڪري وٺي: صدر ٽرمپ |
تهران(م ڊ) ايران ۾ مهانگائي خلاف شروع ٿيل مظاهرن ۾ ٺاپر آئي آهي پر زخمين جي فوت ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي جنهن سان تحريڪ ۾ مارجي ويلن جو انگ وڌي 646 ٿي ويو آهي، آمريڪا چيو آهي ته آمريڪا جي امداد جلد پهچڻ واري آهي شهري ادارن جو ڪنٽرول سنڀالي وٺن. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته ايران سان جيڪو به ملڪ ڪاروبار ڪندو ان تي 25 سيڪڙو ٽيرف لڳايو ويندو. مليل اطلاعن موجب ايران جي مختلف شهرن ۾ حڪومت مخالف احتجاج جاري آهن. بي بي سي جي رپورٽ موجب جيتوڻيڪ ايران ۾ احتجاج ۾ گهٽتائي آئي آهي پر زخمين جي فوت ٿيڻ ۽ زخمين جا اصل انگ اکر سامهون اچڻ جو سلسو جاري آهي. آمريڪا ۾ قائم انساني حقن جي ڪارڪن نيوز ايجنسي جي مطابق مرڻ وارن جو انگ گهٽ ۾ گهٽ 646 تائين پهچي ويو آهي، جن ۾ 512 مظاهرا ڪندڙ ۽ 134 سيڪيورٽي اهلڪار شامل آهن. ٻئي طرف هڪ سرڪاري عهديدار مطابق فوتين جو انگ گهٽ ۾ گهٽ 2,000 آهي جنهن ۾ سيڪيورٽي فورسز به شامل آهن. ايران ۾ فون جي سروس جزوي طور بحال ٿي وئي آهي ۽ هاڻي شهري ٻاهرين ملڪ فون ڪال ڪري سگهن ٿا، پر ميسيج سروس بحال نه ٿي آهي ۽ انٽرنيٽ تي پابندي برقرار آهي. ٻئي طرف آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ دوران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران سان واپار ڪندڙ ملڪن خلاف سخت معاشي قدم کڻڻ جو اعلان ڪيو آهي. آمريڪي صدر موجب ايران سان واپار ڪندڙ ڪنهن به ملڪ کي آمريڪا سان ڪيل سموري واپار تي 25 سيڪڙو اضافي ٽيرف ادا ڪرڻو پوندو. جڏهن ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽرٿ سوشل تي جاري ڪيل بيان ۾ ايران ۾ جاري احتجاج جي حوالي سان بيان ڏيندي چيو آهي ته ايران جا محب وطن ماڻهو احتجاج جاري رکن، مدد پهچي رهي آهي ٽرمپ چيو ته ايران جا محب وطن ماڻهو احتجاج جاري رکن، پنهنجي ادارن تي قبضو ڪن، قاتلن ۽ ظلم ڪندڙن جا نالا ياد رکن، انهن کي وڏي قيمت چڪائڻي پوندي. هن چيو ته اسان احتجاج ڪندڙن جو قتل عام بند ٿيڻ تائين ايراني اختيارين سان پنهنجون ملاقاتون رد ڪري ڇڏيون آهن. قطر خبردار ڪيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڪنهن به فوجي ڇڪتاڻ جا خطي تي سنگين ۽ تباهي جوڳا اثر پوندا. قطري پرڏيهي وزارت جي ترجمان ماجد الانصاري دوحا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪنهن به قسم جي ڇڪتاڻ يا عسڪري ڪارروائي جا نتيجا خطي ۽ ان کان ٻاهر به انتهائي تباهي جوڳا هوندا. هن چيو ته ڇڪتاڻ کان هر ممڪن پاسو ڪرڻ گهرجي. ايران جي بچاءَ واري وزير عزيز نصيرزادا پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڪنهن به جارحيت ڪئي ته اسان جو جواب غيرامڪاني ۽ حيران ڪندڙ هوندو، جارحيت جو اهڙو جواب ڏينداسين جو دشمن دنگ رهجي ويندو. هن چيو ته قومي سلامتي تي ڪا سوديبازي نه ٿيندي، اسان جي دفاعي حڪمت عملي مڪمل طور تيار آهي، پنهنجي دفاعي صلاحيتن کي اپ گريڊ ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته دشمن کي ان جي سوچ کان به وڌيڪ جواب ڏنو ويندو، دشمن کي اهڙو سرپرائز ڏينداسين جو ان جا هوش ٺڪاڻي اچي ويندا.