ايران ۾ لکين ماڻهن پاران هنيه جي جنازي نماز ادا، خطي ۾ ڇڪتاڻ، اسرائيل تي ايراني حملو روڪڻ لاءِآمريڪا جنگي ٻيڙو اماڻي ڇڏيو

آگسٽ 2, 2024

تهران/ / بيروت/ تل ابيب/ واشنگٽن ( م ڊ ) تهران ۾ اسرائيل جي حملي ۾ شهيد ٿيل حماس سربراهه اسماعيل هنيه جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي اسماعيل هنيه جي جنازي نماز پڙهائي. حماس سربراهه جي جنازي نماز ۾ هزارين ماڻهو شريڪ ٿيا ، شهيد  حماس اڳواڻ جو مڙهه تهران مان قطر پهچايو ويو،  تدفين اڄ راڄڌاني دوحا ۾ ڪئي ويندي، ايراني صدر، پارليامينٽ جي اسپيڪر ۽ ٻين جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي تهران ۾ فلسطيني اڳواڻ جي جنازي ۾ شرڪت لاءِ ماڻهن جو سمنڊ اٿلي پيو، آمريڪا ۽ اسرائيل خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي وئي ايراني ميڊيا موجب اسماعيل هنيه جو مڙهه اڄ آلين اکين سان مٽي ماءَ حوالي ڪيو ويندو، ايران، فلسطين ۾ سوڳ جي لهر ڇانيل آهي. هوڏانهن اسماعيل هنيه جي شهادت تي ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي جي  اسرائيل تي سڌو حملو ڪرڻ جي جواب ۾ وچ اوڀر تي جنگ جا ڪڪر ڇانئجي ويا ، اسرائيل ڪنهن به حملي تي ڀرپور جواب ڏيڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي، اسرائيل جي دفاع لاءِ آمريڪا جنگي ٻيڙو خليج فارس موڪلي ڇڏيو، ٻيڙي ۾ جنگي جهاز سوڌو 7 جهاز شامل آهن.  ٻئي طرف حزب الله جي سربراهه حسن نصرالله چيو آهي ته اسرائيل سان جنگ نئين مرحلي ۾ داخل ٿي وئي.  اسماعيل هانيه کي شهيد ڪري مزاحمتي تحريڪ روڪڻ جو خواه ڏٺو پيو وڃي، اڄ کان پنهنجون ڪارروايون ٻيهر بحال ڪنداسين. بيروت ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته حماس ڪنهن به صورت ۾ اسرائيل آڏو هٿيار ڦٽا نه ڪندو. حسن نصرالله وڌيڪ چيو ته حزب الله ۽ حماس مزاحمت ۽ شهادتن جي راهه جا ساٿي آهي، گڏجي ڪاميابي حاصل ڪنداسين.

اسرائيل، آمريڪي حمايت بنا هنيه کي نٿو ماري سگهي، نيتن ياهو کي ٽوڙهو وجهو: چين/ ايران/ فلسطين / لبنان

نيويارڪ(م ڊ) وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس ٿيو جنهن ۾ چين، روس ۽ الجزائر حماس اڳواڻ اسماعيل هنيه جي قتل جي مذمت ڪندي چيو ته اسرائيل، آمريڪي حمايت کانسواءِ هنيه کي ماري نه ٿو سگهي، نيتن ياهو کي لغام ڏيڻو پوندو. حماس اڳواڻ اسماعيل هنيه جي شهادت کانپوءِ ايران جي درخواست تي سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس سڏايو ويو. اجلاس ۾ وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ روڪڻ لاءِ سفارتي ڪوششون تيز ڪرڻ تي زور ڏنو ويو. ايراني سفير عامر سعيد چيو ته تهران هميشه صبر جو مظاهرو ڪيو آهي پر جواب ڏيڻ جو حق آهي، سلامتي ڪائونسل کي اسرائيلي حملي جي مذمت ڪرڻ گهرجي ۽ ان تي پابنديون لڳائڻ گهرجن. ان تي نائب اسرائيلي سفير جونٿن ملر چيو ته سلامتي ڪائونسل ايران تي علائقائي دهشتگردي جي حمايت ڪرڻ تي پابنديون لڳايون، اسرائيل پنهنجي دفاع جو حق رکي ٿو، نقصان ڪندڙن کي طاقت سان جواب ڏيندو. ان موقعي تي چيني سفير فو ڪانگ چيو ته غزه ۾ جنگبندي جي ناڪامي خطي ۾ ڇڪتاڻ جو سبب آهي. سلامتي ڪائونسل ۾ برطانوي سفير باربرا ووڊورڊ چيو آهي ته اسرائيل ۽ فلسطين کي امن لاءِ نئين سر ڪوششون ڪرڻ گهرجن. آمريڪي نائب سفير رابرٽ ووڊ چيو آهي ته اثر رسوخ رکندڙ ملڪ ايران تي ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ دٻاءُ وجهن، جڏهن ته نائب جاپاني سفير چيو ته وچ اوڀر جنگ جي ڪناري تي پهچي چڪو آهي

قتل منصوبي ۾ مهينا لڳا، آمريڪا کي خبر هئي: آمريڪي اخبار

واشنگٽن(م ڊ) حماس سربراهه جي تهران ۾ شهادت بابت آمريڪي اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته اسماعيل هنيه جي ڪمري ۾ پهرين ئي بم نصب ٿيل هو، جيڪو ڦاٽڻ سان هنيه جي شهادت ٿي. ڌماڪو ايترو ته شديد هيو ته عمارت لڏي وئي هئي، ڪجهه دريون ڀڄي پيون ۽ عمارت جي هڪ ٻاهرين ڀت به جزوي طور تي ڪري پئي.  اخبار وڌيڪ لکيو آهي ته اسرائيل عوامي سطح تي هن وقت تائين واقعي جي ذميواري قبول ناهي ڪئي پر اخبار جي دعويٰ آهي ته  اسرائيل ڪارروائي کان اڳ آمريڪا ۽ ٻين اولهندي حڪومتن کي آگاهه ڪيو هو.  آمريڪي اخبار موجب اهو واقعو ايراني انٽيليجنس ۽ سيڪيورٽي جي وڏي ناڪامي ۽ پاسداران انقلاب لاءِ شرمندگي جو سبب آهي. اهو واضح ناهي ٿي سگهيو ته گيسٽ هائوس ۾ بم ڪهڙي ريت لڪايو ويو، پر  ذريعن آمريڪي اخبار کي ٻڌايو ته قتل جي منصوبي ۾ مهينا  لڳا، هوڏانهن ايران جي حڪومت هن وقت تائين اسماعيل هنيه جي شهادت جا سرڪاري تفصيل جاري ناهن ڪيا.

هنيه جي پٽ کي ڪال سندس پتو ڏنو، اسرائيلي جاسوس سافٽ ويئر استعمال ٿيو

واشنگٽن(م ڊ) حماس سربراهه اسماعيل هنيه کي ڪهڙي هنڌ نشانو بڻايو ويو؟ آمريڪي اخبار تصويرون جاري ڪري ڇڏيون، آمريڪي اخبار نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته هڪ ايراني عهديدار اها تصوير شيئر ڪئي آهي پر ايراني عملدارن طرفان باضابطه طور تي هن وقت تائين ڪا به معلومات سامهون ناهي اچي سگهي. رپورٽ موجب هنيه پنهنجي پٽ کي آخري ڪال ڪئي هئي، ان ڪال دوران ئي حماس سربراهه جي هنڌ جي نشاندهي ڪئي وئي. حملي ۾ اسرائيلي جاسوس سافٽ ويئر استعمال ڪيو ويو.

هنيه ايران ۾ ڳجهي هنڌ تي نه پر ماڻهن وچ ۾ هو: حماس

تهران: حماس جي اڳواڻ خليل حيه جو چوڻ آهي ته اسماعيل هنيه ايران ۾ ڳجهي هنڌ تي نه هو ۽ نه ئي ماڻهن کان الڳ ٿلڳ هو، سندس شهادت کي ڪنهن به طرح انٽيليجنس جي ڪاميابي قرار نه ٿو ڏئي سگهجي. خليل حيه جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسماعيل هنيه کي ميزائل جي مدد سان شهيد ڪيو ويو، مڪمل جاچ جي نتيجن جو انتظار آهي. هنيه سان گڏ موجود ماڻهن موجب ميزائل ڪمري جي دري ڀڃي سڌو هنيه کي لڳو جنهن ۾ هو شهيد ٿي ويو.

هڪ سردار ويندو ٻيوان جي جاءِ تي اچي ويندو: اسماعيل هنيه

تهران(م ڊ) اسماعيل هنيه جي شهادت کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ پنهنجي آخري ملاقات ۾ ايران جي سپريم ڪمانڊر آيت الله خامنه اي سان ڪيل ڳالهه ٻول منظر تي اچي وئي. جنهن ۾ هو چئي رهيو آهي ته هڪ سردار ويندو ته ان جي جاءِ تي ٻيو اچي ويندو. دنيا ته ائين آهي، موت ۽ زندگي الله جي هٿ ۾ آهي. حماس سربراهه، آيتالله خامنه اي لاءِ دعا ڪئي ته خدا توهان کي ڊگهي عمر سلامتي ۽ صحت عطا فرماءِ آمين.

اسرائيل تي حزب الله جا ميزائل حملا، بائيڊن اڄ ياهو سان ڳالهائيندو

بيروت(م ڊ) حزب الله اسرائيل تي ميزائل حملا ڪيا آهن اسرائيل موجب ڪو به جاني نقصان نه ٿيو آهي. اسرائيلي ميڊيا موجب لبنان مان اسرائيل تي 5 ميزائل فائر ڪيا ويا جن مان ٻن کي رستي ۾ تباهه ڪيو ويو ۽ 3 ويران علائقي ۾ ڪريا جنهن سبب ڪو جاني نقصان نه ٿيو. ٻئي طرف ايران ۽ لبنان سان اسرائيل جي ڇڪتاڻ بعد آمريڪا جو صدر جو بائيڊن اڄ اسرائيلي وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو سان فون تي رابطو ڪندو.

Leave A Comment