ايران ۾ مهانگائي خلاف احتجاج دوران هنگاما، فورسز جي فائرنگ، مظاهرو ڪندڙ ماريا ويا ته آمريڪا بچاءُ لاءِ ايندو: صدر ٽرمپ

ايران ۾ مهانگائي خلاف احتجاج دوران هنگاما، فورسز جي فائرنگ، مظاهرو ڪندڙ ماريا ويا ته آمريڪا بچاءُ لاءِ ايندو: صدر ٽرمپ

تهران(م ڊ) ايران ۾ جاري احتجاج تهران کانپوءِ وڌيڪ صوبن تائين پکڙجي ويو آهي جنهن دوران سيڪيورٽي فورسز ڪيئي شهرين کي گرفتار ڪري ورتو. پرڏيهي خابرو اداري موجب، تهران جي اولهندي علائقي ملارد ڪائونٽي ۾ اختيارين طرفان 30 ڄڻن کي شهرين جي قانوني احتجاجي حق جي غلط استعمال ۽ امن امان جي صورتحال متاثر ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو. اترئين البرز صوبي ۾ 14 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو، جن تي الزام آهي ته هو ڌماڪيدار مواد ۽ پيٽرول بم ٺاھڻ جو ڪارخانو هلائي رهيا هئا. لورستان صوبي ۾ 20 مظاهرين کي گرفتار ڪيو ويو، جتي احتجاج ڪندڙن مبينا طور حڪومت مخالف نعرا هنيا ۽ سيڪيورٽي فورسز تي پٿراءُ ڪيو. بي بي سي موجب ايران ۾ احتجاج ڪندڙن تي فورسز سڌي فائرنگ ڪئي آهي جنهن جون وڊيوز به جاري ٿيون آهن. هڪ وڊيو جيڪا ڏکڻ ايران جي شهر فاسا جي آهي، ٻن پوليس آفيسرن کي مظاهرين تي فائرنگ ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. شهر ڪوه دشت ۾ به ايراني پوليس آفيسرن کي فائرنگ ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. لارڊگان شهر ۾ ٻٽ ٻڌل ماڻن کي سرڪاري عمارت جي ٻاهران گڏ ٿيندي ڏيکاريو ويو آهي پس منظر ۾ ٻه زوردار ڌماڪا ٻڌي سگهجن ٿا جڏهن هڪ ماڻهو رڙ ڪري رهيو آهي، “اهي فائرنگ ڪري رهيا آهن.
 

واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن ايران پُرامن مظاهرين تي تشدد ڪيو ته آمريڪا انهن جي بچاءَ لاءِ اڳتي ايندو. ٻئي طرف ايران چيو آهي ته ايران طرف وڌندڙ هٿ ڪٽيو و يندو. رپورٽن موجب ايران ۾ جاري احتجاج جي حمايت ڪندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سوشل ٽروٿ اڪائونٽ تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ چيو ته جيڪڏهن ايران پُرامن مظاهرين تي تشدد ڪيو يا کين قتل ڪيو ويو ته آمريڪا انهن جي بچاءَ لاءِ ايندو. اسان ايران ۾ داخل ٿيڻ ۽ اسان ڪارروائي لاءِ مڪمل طور تي تيار آهيون. آمريڪي پرڏيهي کاتي پڻ چيو ته اسان انهن رپورٽن ۽ وڊيوز تي سخت پريشان آهيون جن ۾ ايران ۾ پرامن احتجاج ڪندڙن کي ڌمڪيون ڏيندي، تشدد ۽ گرفتار ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته بنيادي حقن جو مطالبو ڪرڻ ڪو ڏوهه ناهي. اسلامي جمهوريه ايران جي حڪومت کي ماڻهن جي حقن جو احترام ڪرڻ گهرجي ۽ جبر ختم ڪرڻ گهرجي. ٻئي طرف ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي احتجاج ڪندڙن جي حمايت ۾ بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته ايراني عوام لاءِ همدردي جون آمريڪا جون دعوائون ان جي تاريخي رڪارڊ سان مطابقت نه رکن ٿيون. آمريڪا 19 آگسٽ 1953 تي ڊاڪٽر محمد مصدق جي چونڊيل حڪومت خلاف بغاوت جي ڪوشش ڪئي، 1988 ۾ هڪ ايراني مسافر جهاز کي ڪيرايو ۽ معصوم عورتن ۽ ٻارن کي قتل ڪيو ۽ 8 سالن جي جنگ ۾ صدام حسين جي مڪمل حمايت ڪئي. هاڻي اهو آمريڪا ايراني عوام لاءِ همدردي جي بهاني سان حملي جي ڌمڪي ڏئي رهيو آهي. اسماعيل بقائي چيو ته ايراني عوام ڪنهن به ٻاهرين مداخلت کي ڳالهين ذريعي پنهنجن مسئلن کي حل ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو. ٻئي طرف ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽري علي لاريجاني آمريڪي صدر جي بيان تي رد عمل ظاهر ڪنديان کي ايران جي اندروني معاملن ۾ ‘سڌي مداخلت’ قرار ڏنو. هن لکيو ته اسرائيلي اختيارين ۽ ٽرمپ جي موقف سان هن واقعي جو پس منظر واضح ٿي ويو. اسان احتجاج ڪندڙن جي موقف کي تباهي آڻيندڙ عنصرن کان الڳ سمجهون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته ٽرمپ کي ڄاڻڻ گهرجي ته هن اندروني معاملي ۾ آمريڪي مداخلت سڄي علائقي ۾ انتشار ۽ آمريڪي مفادن جي تباهي جي برابر هوندي. اسان ايران ڏانهن وڌندڙ هٿ ٽوڙي ڇڏينداسين. لاريجاني آمريڪي عوام کي خطاب ڪندي چيو ته ٽرمپ هڪ ايڊونچر شروع ڪيو آهي، پنهنجن سپاهين جو خيال رکو.