| ايران ۾ وڌيڪ 240 ڄڻا مارجڻ جا اطلاع، ڳالهين ۽ جنگ ٻنهي لاءِ تيار آهيون (ايران) جلد ڪارروائي ڪري سگهون ٿا: ٽرمپ |
تهران(م ڊ) ايران ۾ پرتشدد مظاهرن جو سلسلو جاري آهي، جن ۾ هڪ ريفري ۽ هڪ شاگرد سميت وڌيڪ 240 ماڻهو مارجڻ جا اطلاع آهن مليل اطلاعن موجب ايران ۾ مهانگائي ۽ ڪرنسي جي قيمت ۾ گهٽتائي خلاف شروع ٿيل احتجاجي مظاهرا جاري آهن ۽ انهن ۾ وڌيڪ شدت اچي وئي آهي. مظاهرا 186 شهرن ۽ سڀني 31 صوبن ۾ پکڙجي ويا آهن بي بي سي ذريعن ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن جو چوڻ آهي ته حڪومت جي ڪريڪ ڊائون ۾ شدت اچڻ سان سوين احتجاج ڪندڙ مارجي ويا آهن. تهران ۾ ذريعن دعويٰ ڪئي ته هتي صورتحال تمام خراب آهي. اسان جا ڪيترائي دوست مارجي ويا آهن. سيڪيورٽي فورسز گولا بارود جو استعمال ڪري رهيون آهن. جنگي علائقي وانگر آهي، گهٽيون رت سان ڀريل آهن. لاشن کي ٽرڪن ۾ لوڊ ڪري کنيو پيو وڃي. بي بي سي فارسي تصديق ڪئي ته 9 جنوري تي رشت شهر جي پورسينا اسپتال ۾ 70 لاش آندا ويا، تهران جي ويجهو هڪ مرده خاني جي فوٽيج ڏٺيجنهن ۾ 180 لاش ٻورين ۾ بند هئا. انساني حقن جي گروپن جي مطابق، 550 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا ۽ 20,000 گرفتار ڪيا ويا. پر مختلف نيوز ايجنسين جي مطابق انهن انگن اکرن جي غير جانبداري سان تصديق نه ٿي سگهي آهي. مارجي ويلن ۾ هڪ ريفري ۽ هڪ شاگرد به شامل آهن. 26 سالن جي ڪوچ ۽ ريفري امير محمد ڪوهڪان جي هڪ دوست بي بي سي فارسي کي ٻڌايو ته 3 جنوري تي نيريز شهر ۾ هڪ احتجاج دوران کيس سڌي طرح گولي هڻي ماريو ويو. پندرهن ڏينهن بعد 23 سالن جي شاگردياڻي روبينا امينين کي تهران ۾ هڪ احتجاج دوران گولي هڻي قتل ڪيو ويو.
واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران خلاف مختلف سخت آپشنز تي غور ڪري رهيا آهيون، جنهن ۾ فوجي ڪارروائي به شامل آهي. فلوريڊا کان واشنگٽن ڊي سي ويندي جهاز ۾ گفتگو ڪندي آمريڪي صدر چيو ته ايراني اپوزيشن ليڊرن سان رابطي ۾ آهيون، ايران ۾ انٽرنيٽ جي بحالي بابت ارب پتي ايلون مسڪ سان ڳالهائينداسين، مسڪ ان ڪم ۾ ماهر آهي، سندس ڪمپني بهترين آهي. هن چيو ته ايران گذريل ڏينهن جوهري معاهدي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو، اسان انهن سان ملي سگهون ٿا. پر ٿي سگهي ٿو ته ڳالهين ۽ ملاقات کان اڳ ئي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏيون.
تهران (م ڊ) ايران چيو آهي ته اسان ڳالهين ۽ جنگ ٻنهي لاءِ تيار آهيون ٽرمپ جو حشر به فرعون، نمرود ۽ رضا شاهه جهڙو ئي ٿيندو. ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي چيو آهي ته فرعون، نمرود ۽ رضا شاهه سان جيڪو ٿيو، ٽرمپ سان به اهو ئي ٿيندو. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ آيت الله خامنه اي چيو ته تڪبر ۾ ٻڏل هڪ شخص سڄي دنيا جا فيصلا ڪري رهيو آهي، کيس اهو سمجهڻ گهرجي ته اقتدار جي عروج تي طاقتور ترين حڪمرانن سان ڇا ٿيو. هن چيو ته فرعون، نمرود ۽ رضا شاهه سان جيڪو ٿيو، ٽرمپ سان به اهو ئي ٿيندو. ٻئي طرف ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته اسان جنگ ۽ ڳالهين ٻنهي لاءِ تيار آهيون. هفتي جي آخر ۾ تشدد ۾ واڌ ٿي، دهشتگردن احتجاج ڪندڙن ۽ فورسز کي نشانو بڻايو پر هاڻ صورتحال مڪمل ڪنٽرول ۾ آهي. هن چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ پرامن احتجاج پرتشدد ٿي ويو، ٻن هفتن ۾ احتجاج دوران 350 مسجدن کي باهه ڏني وئي پر ايراني فورسز وڌ کان وڌ صبر جو مظاهرو ڪيو، احتجاج ڪندڙن جا مطالبا جائز هئا ۽ حڪومت انهن کي ٻڌي به رهي هئي. سندس چوڻ هو ته ٽرمپ جي مداخلت جي ڳالهه کانپوءِ احتجاج ۾ رتوڇاڻ ٿي ته جيئن مداخلت جو بهانو پيدا ٿي سگهي، پر ڪنهن به اڳرائي تي غور نه پيا ڪريون. تهران ۾ پرڏيهي سفيرن کي خطاب ڪندي عراقچي مخالفن کي خبردار ڪيو ته ايران جنگ نٿو چاهي، پر جيڪڏهن جنگ مڙهي وئي ته ايران اڳ کان وڌيڪ تيار آهي. عراقچي ملڪ جي انٽرنيٽ بندش جو دفاع ڪندي چيو ته اها بندش خطرو ٽرڻ تائين جاري رهندي مظاهرا هاڻي دهشتگرد ڪارروائي ۾ تبديل ٿي رهيا آهن. هن چيو ته ايران جا دروازا ڳالهين لاءِ کليل آهن. پر انهن کي منصفانه ۽ برابري جي بنياد تي هجڻ گهرجي. پرڏيهي وزير جي نيوز ڪانفرنس کان اڳ، ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل باغائي چيو ته ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي وچ اوڀر لاءِ خاص نمائندي اسٽيو وٽڪوف جي وچ ۾ رابطي جا چينل کليل آهن. هن چيو ته ضرورت پوڻ تي پيغامن جو تبادلو ڪيو ويندو آهي. عراقچي چيو ته ڪجهه مظاهرين کي هٿيار ڏنا ويا ۽ نه رڳو سيڪيورٽي اهلڪارن تي پر عام ماڻهن تي به فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جو مقصد جاني نقصان وڌائڻ ۽ آمريڪا کي مداخلت ڪرڻ جو بهانو فراهم ڪرڻ هو. هن چيو ته حڪومت سيڪيورٽي فورسز کي مقرر ڪيو ۽ دهشتگرد عنصرن خلاف ڪارروائي ڪئي ۽ انهن کي گرفتار ڪيو، جن جي قبضي مان هٿيار به هٿ ڪيا ويا. گرفتار ٿيل ماڻهن جا اعتراف ۽ ثبوت جلد ئي عوام آڏو پيش ڪيا ويندا ۽ ملوث سڀني ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته احتجاج ۾ شامل 70 سيڪڙو ماڻهن کي پرڏيهي عنصرن پاران ڀڙڪايو ويو، جڏهن ته 30 سيڪڙو احتجاج ڪندڙ پرامن هئا.