ايران ۾ يونيورسٽين جا امتحان ملتوي، شاگردن کي موڪل

ايران ۾ يونيورسٽين جا امتحان ملتوي، شاگردن کي موڪل

تهران (م ڊ) احتجاج، هنگامن ۽ آمريڪي حملي جي امڪانن سبب ايراني يونيورسٽين پنهنجا امتحان هڪ مهيني لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيا آهن ۽ بين الاقوامي شاگردن کي ملڪ ڇڏڻ جي اجازت ڏني آهي. تهران ۾ پاڪستان جي سفير سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي لکيو ته پاڪستاني شاگردن کي درخواست آهي ته اهي هن حوالي سان پنهنجا پروگرام جوڙين.