| ايران ۾ پاڪستانين کي واپسي لاءِ رجسٽريشن جي اپيل |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ايران ۾ پاڪستان جي سفير مدثر ٽيپو چيو آهي ته علائقي ۾ پيدا ٿيل چئلينجن سبب ايران ۾ بسن جي موجودگي مشڪلاتن جو شڪار آهي، هن ايران ۾ ڦاٿل پاڪستانين کي سفارتخاني ۾ رجسٽريشن يقيني ڪرائڻ جي اپيل ڪندي چيو ته رجسٽريشن سان وطن واپسي جي منصوبن ۾ دير کان بچي سگهجي ٿو. خاص طور تي قم ۾ رهندڙ پاڪستاني شهرين کي فوري وطن واپسي لاءِ تعاون ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي. رجسٽريشن بعد سفارتخانو شهرين جي روانگي جا انتظام بنا دير مڪمل ڪندو.