ايران ۾ 17 شهري علائقن تي حملا جنگي ڏوهه قرار: حل رڳو سفارتڪاري ذريعي ممڪن آهي: عالمي ادارا

ايران ۾ 17 شهري علائقن تي حملا جنگي ڏوهه قرار: حل رڳو سفارتڪاري ذريعي ممڪن آهي: عالمي ادارا

تھران/واشنگٽن (م ڊ) ايراني ھلال احمر سوسائٽي ايران ۾ 17 شهري علائقن تي حملن کي جنگي ڏوھھ قرار ڏيندي انھن جي مذمت ڪئي آھي. ايراني ھلال احمر جو چوڻ آهي ته آمريڪي-اسرائيلي هوائي حملي ۾ اڱاري جي ڏينھن ملڪ جي 17 شهري علائقن تي بمباري ڪئي. شهرين تي حملو ڪرڻ جو ڪو به جواز ناهي، بين الاقوامي انساني قانون واضح طور تي چوي ٿو ته ھٿين خالي شهرين تي حملو ڪرڻ جنگي ڏوھھ آهي. هوڏانهن يورپي ڪائونسل جي صدر جو چوڻ آهي ته شهري آبادي تي حملا غير قانوني آهن ۽ ايران سان جاري جنگ جو حل رڳو سفارتڪاريءَ ذريعي ئي ممڪن آهي. انتونيو ڪوسٽا ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ چيوته  شهري انفراسٽرڪچر، خاص طور تي توانائي وارن پلانٽن کي نشانو بڻائڻ غير قانوني ۽ ناقابلِ قبول آهي. سندس اهو بيان ان وقت سامهون آيو آهي جڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڌمڪي ڏني هئي ته جيڪڏهن ايران آبناءِ هرمز کي ٻيهر نه کوليو ته هو ايراني انفراسٽرڪچر کي تباهه ڪري ڇڏيندو. ٻئي پاسي عالمي فوجداري عدالت جي باني چيف پراسيڪيوٽر لوئس مورينو اوڪامپو چيو آهي ته ايران خلاف جنگ بين الاقوامي قانون تحت جارحيت وارن ڏوهه جي زمري ۾ اچي ٿي. ان کانسواءِ 100 کان وڌيڪ بين الاقوامي قانوندانن هڪ کليل خط پڻ جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ هنن آمريڪا، اسرائيل ۽ ايران طرفان عالمي قانون جي مبينا سنگين ڀڃڪڙين تي گهري ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي.