ايران ۾ 2 جاسوس سگهه سوڌوگرفتار
جُون 15, 2025
تهران (پنهنجي ڊيسڪ) ايران ۾ دهشتگردي منصوبو ناڪام، 2 جاسوس سگهه سوڌوگرفتار ايراني ميڊيا موجب اسرائيلي ايجنٽ بم ٺاهڻ ۾ مصروف هئا. ايران جي حساس صوبي البورز ۾ هڪ وڏي ڪارروائي ۾ ٻن اسرائيلي ايجنٽن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن بابت چيو وڃي ٿو ته اهي اسرائيلي ڳجهي ايجنسي موساد سان لاڳاپيل آهن.
ايراني ميڊيا موجب ٻئي ماڻهو گرفتاري وقت بم ٺاهڻ ۾ مصروف هئا. سيڪيورٽي ادارن بروقت ڪارروائي ڪئي نه رڳو ايجنٽن کي گرفتار ڪيو پر هڪ امڪاني تخريبڪاري جي ڪارروائي کي به ناڪام بڻايو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته گرفتار ٿيل ماڻهن کان ڌماڪيدار مادو، ڊجيٽل ڊوائيسز ۽ ٻيون حساس شيون پڻ هٿ ڪيون ويون آهن. ايراني اختيارين جو چوڻ آهي ته اهي ماڻهو ملڪ ۾ بدامني پکيڙڻ جي سازش ۾ ملوث هئا ۽ سڌو سنئون اسرائيلي انٽيليجنس نيٽ ورڪ سان ڳنڍيل آهن
سيڪيورٽي ادارا وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهن۽ ممڪن ابتدائي بيانن جي روشني ۾ وڌيڪ گرفتاريون متوقع آهن.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن ايراني سيڪيورٽي فورسز يزد شهر ۾ ڪارروائي ڪندي اسرائيل سان لاڳاپن جي الزام ۾ پنج ماڻهن کي گرفتار ڪيو هو. ايراني ميڊيا موجب اهي ماڻهو اسرائيلي انٽيليجنس ايجنسين کي حساس ٺڪاڻن جون تصويرون ۽ وڊيوز موڪلي رهيا هئا.