| ايران ۾ 93 هزار گهر تباهه، 295 اسپتالون نشانو |
تھران (م ڊ) ايران جي ريڊ ڪريسنٽ سوسائٽي جو چوڻ آهي ته اسرائيلي-آمريڪي هوائي حملن ۾ 93,000 کان وڌيڪ شهري ملڪيتن کي نقصان پهتو آهي. انهن ۾ مختلف صوبن ۾ 71,547 گهر شامل آھن جڏھن تھ 20,779 واپاري مرڪزن کي نشانو بڻائي تباھھ ڪيو ويو. صرف تهران ۾ 31,562 رهائشي ۽ تجارتي يونٽن کي نقصان پهتو آهي. اختيارين موجب 295 صحت ۽ هنگامي سهولتن جي مرڪزن ۽ 600 اسڪولن کي نقصان پهتو آھي. بيان ۾ چيو ويو آھي تھ 48 آپريشنل ايمرجنسي گاڏيون ۽ 46 ايمبولينسون حملن جي زد ۾ اچي ويون. ان سان گڏ ريڊ ڪريسنٽ ۽ ايمرجنسي سروسز جا 3 هيلي ڪاپٽر پڻ تباھھ ٿيا آھن.