| ايران_ آمريڪا جنگ: وياج شرح هڪ سيڪڙو واڌ سان 11.5 سيڪڙو ڪرڻ جو اعلان |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اسٽيٽ بينڪ وياج جي شرح ۾ هڪ سيڪڙو ( 100 بيسز پوائنٽس) جي واڌ ڪري ڇڏي، اسٽيٽ بينڪ جي مانيٽري پاليسي ڪاميٽي وياج جي شرح ۾ 100 بيسز پوائنٽس جو اضافو ڪيو، جنهن بعد وياج جي شرح 10.50 کان وڌي 11.50 سيڪڙو تي پهچي وئي آهي. ان حوالي سان مانيٽري پاليسي موجب مانيٽري پاليسي ڪميٽي وچ اوڀر جي صورتحال ڪري وياج جي شرح ۾ تبديلي جو فيصلو ڪيو آهي. عالمي منڊي ۾ تيل جي وڌندڙ قيمت ۽ سپلاءِ چين معيشت کي متاثر ڪيو. هوڏانهن معاشي ماهرن ايران_ آمريڪا جنگ، عالمي منڊي ۾ معاشي غير يقيني صورتحال سبب پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ کي وياج جي شرح ۾ واڌ جو مک ڪارڻ قرار ڏئي رهيا آهن. ماهرن جو چوڻ آهي ته اسٽيٽ بينڪ جي فيصلي جو سڌو سنئون اثر مهانگائي تي به پوندو ڇو ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو سڌو سنئون اثر روزمره جي ضرورت وارين شين تي پوندو آهي.