لنڊن (ڪلچرل ڊيسڪ) برطانوي ڊراما سيريز “ايسٽ اينڊرز” ۾ ٽيڪسي ڊرائيور جي مشهور ڪردار چارلي سليٽر سبب مشهوري ماڻيندڙ ڊيرڪ مارٽن 92 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. هن پنهنجي ڪيريئر جي شروعات اوڀر لنڊن ۾ ڪئي، جتي هن ڪاسائي، رستن تي ڪم ڪندڙ مزدور ۽ رائل ايئر فورس ۾ ڪم ڪيو، هن اداڪاري جو ڪيريئر “ڊاڪٽر هو“ ۾ اسسٽنٽ مين طور ڪيو، 1970 جي شروعات ۾ زخمي ٿيڻ کان پوءِ هن اداڪاري ڏانهن ڀرپور نموني رخ ڪيو. پنهنجي ڊگهي ڪيريئر دوران ڊيرڪ مارٽن ڪيترن ڪلاسيڪل برطانوي ٽي وي شوز ۾ نظر آيو، جن ۾ زي ڪارز، دي سيونٽيز، مائنڊر، دي بُل ۽ لِٽل برطانيه شامل آهن.
ع ۾ ايسٽ اينڊرز ۾مهربان ٽيڪسي ڊرائيور چارلي سليٽر جي ڪردار کيس شهرت جي بلندين تي پهچايو ، 2016 ۾ انهي ڪردار جي اسڪرين تي موت ٿي وئي. هن ٻه پٽ جوناٿن ۽ ڊيوڊ سوڳوار ڇڏيا آهن.