| ايس آءِ ايف سي جوڙي پارليامينٽ رٻڙ اسٽيمپ بڻائي وئي: عوامي تحريڪ |
حيدرآباد (بيورو رپورٽ) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي نائب صدر ستار رند، مرڪزي اڳواڻ لال جروار، ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽي ۽ نور نبي پليجي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته ملڪ ۾ آئين ۽ قانون معطل آهي، ڪرپٽ ڪامورن کي تحفظ مليل آهي، ايس آءِ ايف سي جوڙي پارليامينٽ کي رٻڙ اسٽيمپ بڻايو ويو آهي. ايس آءِ ايف سي ۾ ڪا به شفافيت ناهي، ايس آئي ايف سي جي فيصلن خلاف ماڻهو عدالتن ۾ به نٿا وڃي سگهن، ايس آئي ايف جي فيصلن کي عدالتن، آئين ۽ قانون کان مٿانهون بڻايو ويل آهي، ايس آئي ايف سي ذريعي سنڌ جي 13لک ايڪڙ سميت ملڪ جي 48 لک ايڪڙ زمين تي قبضو ٿي رهيو آهي، گلگت جي ثقافتي ماڳن تي به قبضو ڪيو پيو وڃي. ڪينجهر، ڪارونجهر، گورک ۽ ٻين سنڌ جي تاريخي ۽ ثقافتي ماڳن تي به ايس آئي ايف سي جي ميري اک آهي. ھنن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي سنڌ جي زمين ۽ سنڌو درياهه غيرملڪي ڪمپنين کي وڪرو ڪيو پيو وڃي، سنڌي قوم پنهنجي ڌرتيءَ ۽ درياهه جي حفاظت لاءِ پنهنجي پرامن جمهوري جدوجهد جدوجهد جاري رکندي.